نڪور خبرون
Home / رانديون / ڊيرن سيمي کي پاڪستان جي اعزازي شهريت ۽ اعليٰ سول ايوارڊ سان نوازيو ويندو: پي سي بي

ڊيرن سيمي کي پاڪستان جي اعزازي شهريت ۽ اعليٰ سول ايوارڊ سان نوازيو ويندو: پي سي بي

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان سپرليگ (پي ايس ايل) جي فرنچائز پشاور زلمي جي ڪپتان ڊيرن سيمي کي پاڪستان جي اعزازي شهريت ۽ اعليٰ سول ايوارڊ سان نوازيو ويندو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ٽيوٽر تي موجود پنهنجي آفيشل پي سي بي ميڊيا گروپ ۾ ڇنڇر ڏينهن ٽيوٽ ڪيو آهي ته صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ڊيرن سيمي کي سندس پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي حوالي سان وڏين خدمتن تي 23 مارچ تي پاڪستان جي اعزاي شهريت ۽ اعليٰ سول ايوارڊ سان نوازيو ويندو. واضح رهي ته ويسٽ انڊيز سان تعلق رکندڙ جڳ مشهور ڪرڪيٽر ڊيرن سيمي پي ايس ايل جي پهرين ايڊيشن کان ايس ايل جي فرنچائز پشاور زلمي جي نه فقط نمائندگي ڪندو رهيو آهي پر ڪپتان به آهي. هو پي ايس ايل ون کان وٺي پي ايس ايل فائيو تائين مستقل طور تي پشاور زلمي جو پنجون ڀيرو ڪپتان نامزد ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پشاور زلمي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي ۾ سڀ کان اهم ڪردار ۽ پاڪستان سان محبت جي اعتراف ۾ صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي پاران پشاور زلمي جي ڪپتان ڊيرن سيمي لاءِ اعزازي شهريت ۽ اعليٰ ترين سول ايوارڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پشاور زلمي جي چيئرمين جاويد آفريدي چيو آهي ته ڊيرن سيمي جون پاڪستان لاءِ خدمتون نه وسارڻ جهڙيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي ۾ سڀ کان اهم ڪردار ۽ پاڪستان سان محبت جي اعتراف ۾ صدر مملڪت عارف علوي پاران پشاور زلمي جي ڪپتان ڊيرن سيمي کي پاڪستان ڪرڪيٽ جي بي پناه خدمتن تي اعزازي شهريت ۽ اعليٰ ترين سول ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۾ هڪ هفتو ترسڻ دوران مزو آيو: ڪرس لين

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) فائيو لاءِ لاهور قلندرز جي ٽيم ۾ شامل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے