نڪور خبرون
Home / سنڌ / گرائونڊ نوجوانن جي تربيت گاهه هوندا آهن اهي آباد رکنداسين: صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه

گرائونڊ نوجوانن جي تربيت گاهه هوندا آهن اهي آباد رکنداسين: صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) اطلاعات ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته لياري کي نيون اسڪيمون ڏنيون پيون وڃن، گرائونڊ نوجوانن جي تربيت گاهه هوندا آهن اهي آباد رکنداسين، راندين جي ميدانن مان وڏن وڏن نالن جنم ورتو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لياري فٽبال اسٽيڊيم ۾ جاري آل ڪراچي فٽبال ٽورنامينٽ ۾ شرڪت کانپوءِ خطاب ڪندي ڪيو. صوبائي وزير ٽورنامينٽ ڪرائڻ تي انتظاميه کي واڌايون ڏيندي چيو ته گرائونڊ لاءِ مقامي قيادت پاران ڏنل تجويزن تي عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي لياري فٽبال گرائونڊ لاءِ 10 ڪروڙ رپين جي اسڪيم ڏني ويندي. هن چيو ته لياري لاءِ نيون ترقياتي اسڪيمون ڏنيون پيون وڇن ۽ پيئڻ جي پاڻي جا فلٽر پلانٽس لڳايا ويندا. سيد ناصر حسين شاه آل ڪراچي فٽبال ٽورنامينٽ جي فائنل ميچ جي پڄاڻي تي انعام به ورهايا.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪورونا جي چيلنج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان سڀ گڏ آهيون: فردوس عاشق

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے