نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / ڪشمير ڀارت جو اندروني مسئلو آهي، او آءِ سي جي پڌرنامي کي رد ڪريون ٿا : سشما

ڪشمير ڀارت جو اندروني مسئلو آهي، او آءِ سي جي پڌرنامي کي رد ڪريون ٿا : سشما

نئين دهلي)مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج ڪشمير مسئلي کي مڪمل طور تي اندروني معاملو قرار ڏيندي اسلامي تعاون تنظيم پاران والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي دهشتگرد قدمن خلاف منظور ڪيل ٺهراءُ ۽ گڏيل پڌرنامي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي پرڏيهي آفيس جي بيان مطابق متحده عرب امارات جي شهر ابوظهبي ۾ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي 46هين اجلاس ۾ ميمبر رياستن ٺهراءُ منظور ڪيو هو، جنهن ۾ متن ۾ واضح ڪيو ويو هو ته ڄمون ۽ ڪشمير ٻنهي ملڪن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ بنيادي تڪرار آهن ۽ اهو ٺهراءُ ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي خواب لاءِ اڻٽر آهي. او آءِ سي جي ٺهراءُ ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي هاڻوڪي دهشتگرداڻي قدمن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي هئي ۽ والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو هو. ڀارتي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي حوالي سان ٺهراءُ واري معاملي تي اسان جو موقف واضح آهي، اسان واضح ڪريون ٿا ته ڄمون ۽ ڪشمير ڀارت جو حصو آهي ۽ هي مڪمل طور تي ڀارت جو اندروني معاملو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

جي يو آءِ جي ذيلي تنظيم انصار اسلام کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) حڪومت جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي ذيلي تنظيم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے