نڪور خبرون
Home / پاڪستان / قوم ذاتي رليف لاءِ عوام جي رليف جو گوڙ ڪندڙن کي سڃاڻي ٿي: فردوس عاشق اعواڻ

قوم ذاتي رليف لاءِ عوام جي رليف جو گوڙ ڪندڙن کي سڃاڻي ٿي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مهانگائي تي سياست ڪندڙ اپوزيشن عوام جي لٽيل دولت واپس ڪري ته عوام کي ڪافي حد تائين رليف ملي سگهي ٿو ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان جا ادارا ملڪ جي طاقت ۽ عمران خان عوام جي سڃاڻپ آهي هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جون ابتيون ستيون ڳالهيون ان جي  مايوسي جو اظهار آهي هن چيو ته محسوس ٿئي ٿو ته آزادي مارچ جي ناڪامي جو  صدمو مولانا صاحب برداشت ناهي ڪري سگهيو هن چيو ته پنهنجن ۽ پنهنجن ڪارڪنن جون توانائيون ضايع ڪرڻ بدران 2023 تائين آرام ڪري هن چيو ته مولانا اوهان آزادي مارچ ۾ حڪومت ختم ڪرڻ نڪتا هئا پر حڪومت وڌيڪ مضبوط ٿي وئي آهي هن چيو ته اوهان جو ڪلهو استعمال ڪندڙ لنڊن پهچي چڪا آهن هن چيو ته مولانا صاحب هڪ سيٽ لاءِ ڇو پاڻ کي خوار ڪري رهيا آهيو. هن چيو ته مهانگائي تي سياست ڪندڙ اپوزيشن عوام جي  لٽيل پيسا واپس ڪري ته عوام کي رليف ملي سگهي ٿو. هن چيو ته عمران خان دشمني ۽ اقتدار جي لالچ ۾ هي انڌا ٿي چڪا آهن هن چيو ته عوام چونڊن ۾ جن جي ٻيڙي ٻوڙي اهي اقتدار جي ٻيڙي نه ملڻ جو ڏک سور ڪنهن ٻئي هنڌ ختم ڪن

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪورونا جي چيلنج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان سڀ گڏ آهيون: فردوس عاشق

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے