Home / سنڌ / وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران مختلف سيڪريٽرين جي آفيس جو اوچتو دورو

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران مختلف سيڪريٽرين جي آفيس جو اوچتو دورو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صبح جو ڏهين وڳي تغلق هائوس (پراڻو سيڪريٽريٽ) ۾ مختلف سيڪريٽرين جي آفيس جو اوچتو دورو ڪيو جتي آفيسرن ۽ عملي جي حاضري چيڪ ڪئي. هن پنهنجي دوري جي شروعات گهرو کاتي کان ڪئي جتي سيڪريٽري سميت سمورا آفيسر غير حاضر هئا. ان موقعي تي وڏي وزير ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. گهرو کاتي جي سيڪريٽري وڏي وزير کي ٻڌايو ته سيڪريٽري هڪ ڪيس جي سلسلي ۾ عدالت ويو آهي، جنهن تي وڏي وزير چيو ته سيڪريٽري موجود نه آهي ته ٻيو عملو ڪٿي آهي؟ هن چيو ته سڀئي ايڊيشنل سيڪريٽري، ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سيڪشن آفيسر غير حاضر آهن ۽ هن پنهنجي پرنسپل سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو هوم سيڪريٽري کان رپورٽ طلب ڪري. جڏهن وڏو وزير زراعت کاتي جي آفيس جو دورو ڪيو ته سيڪريٽري زراعت سميت تقريبا سڄو عملو غير حاضر هو، هن شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کاتي جي هڪ آفيس کان ٻي آفيس هليو ويو ۽ اتي به گهڻن کي غير حاضر ڏٺائين. هن ان سلسلي ۾ کاتي وٽان هڪ رپورٽ طلب ڪئي ته اهي ڇو غير حاضر هئا؟ هن تغلق هائوس ۾ ليبر، ٽرانسپورٽ ۽ آبپاشي کاتن جو پڻ دورو ڪيو ۽ سيڪريٽري ليبر کان علاوه تقريبا سڀئي سيڪريٽري غير حاضر هئا. هن سيڪريٽري آبپاشي سعيد مڱڻيجو سان ڳالهايو جيڪو پنهنجي وزير سان ملاقات لاءِ  ويل هو. چيف سيڪريٽري کيس هدايت ڪئي ته هو صبح  جو ۱۰  وڳي پنهنجي ڊيوٽي کان غير حاضر آفيسرن جي رپورٽ اماڻي. وڏي وزير تعليم کاتي جو پڻ دورو ڪيو ۽ سڀني عملدارن کي اتي به غيرحاضر ڏٺائين. هوءَ هڪ کانپوءِ  ٻي ڪمرن ۾ ويندو رهيو پر شايد ئي ڪو سيڪشن آفيسر يا سينئر آفيسر کي موجود ڏٺو هجائين. هن پرنسپل سيڪريٽري کي کاتي وٽان رپورٽ طلب ڪرڻ جي هدايت ڪئي. پي اينڊ ڊي کاتي ۾ وڏي وزير جو چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم آجيان ڪئي جيڪو پنهنجي آفيس ۾ موجود هو. هو وڏي وزير کي پنهنجن آفيسن ڏانن وٺي ويو جتي اڪثر چيف ۽ ميمبر غائب هئا. وڏي زوير چيئرمين پي اينڊ ڊي کي هدايت ڪئي ته هو کيس غير حاضر ماڻهن جي تفصيلي رپورٽ اماڻي. واپسي تي، وڏو وزير بلديات کاتي جو دورو ڪيو ۽ عملي سميت سينئرن کي پنهنجي ڊيوٽي انجام ڏيڻ کان غائب ڏٺو.سيڪريٽري لوڪل گورنمنٽ هڪ ڪيس جي سلسلي لاءِ  عدالت ۾ هو. وڏي وزير بائيو ميٽرڪ يونٽ جو دورو ڪيو ۽ ان کي چيائين ته هو غير حاضر عملي ۽ دير کان ايندڙن جي تفصيلي فهرست کيس اماڻي. وڏي وزير نيو سنڌ سيڪريٽريٽ جي ستين ماڙ تي پنهنجي آفيس ويو ۽ سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن خالد حيدر شاهه سان ملاقات ڪئي. وڏي وزير ان کي هدايت ڪئي ته هو نئين ۽ پراڻين سيڪريٽريٽ ۾ موجود عملدارن جي تفصيلي رپورٽ کيس اماڻي.ڏي وزير چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم سان گڏ سنڌ سڪريٽريٽ ويجهو ايس ايم لاء ڪاليج ۽ ايس ايم ڪاليج وچ ۾ تعمير هيٺ ڪار پارڪنگ جو دورو ڪيو. هن سٽنگ ايريا جو پڻ معائنو ڪيو جنهن  کي تفريحي ماڳ قرار ڏنو ويو آهي اتي دڪانون، ڪافي شاپس، فاسٽ فوڊ ريسٽوران به ويو جتي گرينائيٽ جون بينچون قائم ڪيون ويون آهن. هر هڪ جي مستطيل بينچ جي وسط ۾ هڪ وڻ آهي ته جيئن ايندڙ ان وڻ هيٺان ويهي سگهن. وڏي وزير چيئرمين پي اينڊ ڊي کي هدايت ڪئي ته هو پارڪنگ ۽ تفريحي علائقي جي ڪم کي مڪمل ڪرڻ ۾ تيزي آڻي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سياسي مخالفن جي گهرن تي قبضو افسوسناڪ ۽ منفي روايت آهي: شهباز شريف

لنڊن: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے