نڪور خبرون
Home / پاڪستان / سياسي مخالفن جي گهرن تي قبضو افسوسناڪ ۽ منفي روايت آهي: شهباز شريف

سياسي مخالفن جي گهرن تي قبضو افسوسناڪ ۽ منفي روايت آهي: شهباز شريف

لنڊن: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي جي تڪبر، ضد ۽ ساڙ سبب ملڪ جي معيشت ٻڏي رهي آهي.لنڊن ۾ موجود مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف پنجاب حڪومت طرفان اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي گهر ۾ لنگر خانو کولڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سياسي مخالفن جي گهرن تي قبضو افسوسناڪ ۽ منفي روايت آهي. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ڪريل حرڪتن سان اسحاق ڊار جي خدمتن کي وساري نٿو سگهجي. هن چيو ته عوام ماني، روزگار ۽ ڪاروبار جي لاءِ سخت پريشان آهي پر هي ڪرپٽ ۽ نالائق حڪومت سياسي مخالفن جي خلاف انتقامي ڪارروائين ۾ مصروف آهي.شهباز شريف چيو ته اهڙي ڪريل حرڪتن سان اسحاق ڊار ۽ (ن) ليگ جا حوصلا ختم نٿا ٿي سگهن. وزيراعظم کي تنقيد جو نشانو بنائيندي صدر مسلم ليگ(ن) چيو ته عمران نيازي جي تڪبر، ضد ۽ ساڙ سبب معيشت ٻڏي رهي آهي.ياد رهي ته 7 فيبروري تي پنجاب حڪومت لاهور ۾ واقع اسحاق ڊار جي گهر کي پناهه گاهه ۾ تبديل ڪري هجويري هائوس جي 12 ڪمرن ۾ بسترا لڳائي ڇڏيا هئا. 8 فيبروري تي حڪومت اسحاق ڊار جي رهائشگاهه تي عملو مقرر ڪيو ۽ 9 فيبروري تي پناهه گاهه ۾ غريب ۽ بي گهر مزدورن کي منتقل ڪيو ويو.اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار به ان واقعي جي مذمت ڪندي پنجاب حڪومت جي فيصلي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو هو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪورونا جي چيلنج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان سڀ گڏ آهيون: فردوس عاشق

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے