نڪور خبرون
Home / رانديون / خان آفريدي ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيدن جي مزارن تي حاضري

خان آفريدي ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيدن جي مزارن تي حاضري

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار ڪرڪيٽر شاهد خان آفريدي ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي  شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري دعا گهري. نامياري ڪريڪٽر شاهد خان آفريدي  شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو سميت ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي.  شاهد خان آفريدي مزار اندر شهداءَ گيلري جي وزٽ پڻ ڪئي.  شاهد آفريدي لاڙڪاڻي جي پوليس ٽريننگ سينٽر ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ سنڌ پوليس لاڙڪاڻي طرفان منعقد ڪيل اڄوڪي  “سنڌ پوليس شهداءِ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ مئچ لاڙڪاڻو 2020ع” ۾ شرڪت لاءِ لاڙڪاڻي پهتل آهي.  شاهد آفريدي پاڪستان گرين اسٽارز ٽيم جي ڪپتاني ڪندو جڏهن ته سندس ٽيم ۾ انور علي، عماد وسيم، جنيد خان، ڪامران اڪمل، محمد حفيظ، احمد شهزاد ۽ ٻيا قومي ٽيم جا رانديگر شامل آهن.  پاڪستان بلو اسٽارز جي ڪپتاني يونس خان ڪندو جنهن ۾ عمر اڪمل، شعيب ملڪ، سرفراز احمد، شرجيل خان، وهاب رياض، عبدالرزاق، محمد عرفان ۽ ٻيا شامل آهن……….

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۾ هڪ هفتو ترسڻ دوران مزو آيو: ڪرس لين

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) فائيو لاءِ لاهور قلندرز جي ٽيم ۾ شامل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے