Home / سنڌ / پبلڪ سيفٽي ڪميشن ۾ آءِ جي پاران 23 پوليس آفيسرن خلاف جاچ رپورٽ پيش

پبلڪ سيفٽي ڪميشن ۾ آءِ جي پاران 23 پوليس آفيسرن خلاف جاچ رپورٽ پيش

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ ڪليم امام پبلڪ سيفٽي ڪميشن جي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي انڪشاف ڪيو آهي ته هُن اي آءِ جيز، ايس ايس پيز ۽ ڊي ايس پيز سوڌو ٻين عهدن تي 23 آفيسرز خلاف جاچ رپورٽس مختلف وقتن تي موڪليون هيون. وڏي وزير مراد علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ سنڌ پبلڪ سيفٽي ڪميشن جي اجلاس ۾ايم پي ايز سوڌو ٻين ميمبرز شرڪت ڪئي، جڏهن ته آءِ جي سنڌ ڪليم امام پيش ٿي ڪميشن کي 23 پوليس آفيسزر خلاف تيار ڪيل جاچ رپورٽس جي حوالي سان بريفنگ ڏني. آءِ جي سنڌ ڪليم امام پنهنجي بريفنگ ۾ ڪميشن کي ٻڌايو ته هُن چيف سيڪريٽري ڏانهن رٽائرڊ ايڊيشنل آءِ جي سکر غلام سرور جمالي خلاف بداخلاقي تي ٻڌل رپورٽ چيف سيڪريٽري ڏانهن اُماڻي، جڏهن ته جولاءِ 2019ع ۾ ايديشنل آءِ جي ڪرائيم برانچ مٿان الزامن تي ٻڌل رپورٽ گهرو کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري ڏانهن اُماڻي. ايس ايس پي ايسٽ اظفر مهيسر خلاف الزامن تي ٻڌل بيان گهرو کاتي ڏانهن اُماڻي وئي، جڏهن ته رٽائرڊ آر پي او سکر ذوالفقار شاهه خلاف الزامن تي ٻڌل رپورٽ چيف سيڪريٽري وٽ پيش ڪئي وئي. اُن کانسواءِ اڳوڻي ڊي پي او سکر اعتزاز گورايا، ايس ايس پي ميرپور خاص جاويد بلوچ ۽ 18هين گريڊ جي آفيسر اعجاز هاشمي خلاف الزامن تي ٻڌل رپورٽس پيش ڪيون. ڪميشن کي بريفنگ ڏيندي آءِ جي سنڌ ڪليم امام چيو ته هُن ايس پي گلشن ڊويزن طاهر نوراني خلاف بداخلاقي جي جاچ رپورٽ چيف سيڪريٽري ڏانهن اُماڻي، ڪامران راشد خلاف الزامن جي رپورٽ گهرو سيڪريٽري ڏانهن اُماڻي، پرنسپل ايس سي ٽي ڊي سي سڪرنڊ سرور ابڙو خلاف الزامن جي رپورٽ آڪٽوبر 2019 ۾ گهرو سيڪريٽري ڏانهن موڪلي، ايس پي جاچ ڏکڻ خالد ڪورائي خلاف الزامن جي رپورٽ به چيف سيڪريٽري ڏانهن اُماڻي هئي. بريفنگ ۾ آءِ جي سنڌ چيو ته هُن ايس پي نثار چنا، ڊي آءِ جي آر ايف فاروق اعظم، ايس پي سي ٽي ڊي حيدرآباد يعقوب عالماڻي، ايس پي جاچ سي ٽي ڊي ڪراچي مرتضيٰ ڀٽو، الطاف لغاري، ڊي ايس پي فهيم فاروقي، ڊي ايس پي نيئر، ڊي ايس پي دوست محمد مڱريو ۽ ڊي ايس پي زاهد خلاف به جاچ رپورٽس موڪليون ويون.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران مختلف سيڪريٽرين جي آفيس جو اوچتو دورو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صبح جو ڏهين وڳي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے