Home / پاڪستان / ڀارت سان ڪرڪيٽ مقابلا ڪشميرين جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر هوندا: فرودس عاشق اعواڻ

ڀارت سان ڪرڪيٽ مقابلا ڪشميرين جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر هوندا: فرودس عاشق اعواڻ

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڌسماءِ جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته جيستائين ڀارت والاريل ڪشمير مان ڪرفيو ختم نٿو ڪري 7 گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق ڪشميرين کي سندن حق نٿو ڏي ان وقت تائين پاڪ ڀارت مقابلا ڪشميرين جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر هوندا. راند جي ميدانن سان بهتر رويا وڌن ٿا بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪستان اچڻ سٺي ڳالهه  آهي. رڳو ڪرڪيٽ نه پر سمورين راندين جا ميدان آباد ڪنداسين انشاءالله پاڪستان ۾ ڪرڪيت جي بحالي جو سفر وڌيڪ اڳتي وڌندو ۽ سڄي دنيا جون ٽيمون پاڪستان اينديون جيڪڏهن سياست ۾ نه هجان ها ته وومين ڪرڪيت ٽيم جي ڪپتان هجان ها ڇنڇر تي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ راوپنڊي استيم ڊيم پهتي جتي هن پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ پهرين ٽيس جي ٻئي ڏينهن جي مئچ ڏٺي جنهن کان پوءِ فروس عاشق اعوان آفيشن ۽ صافين سان ملاقات ڪئي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن سان خطي م پاڪستان جو اميج بهتر ٿيو آهي هن چيو ته پاڪستان پرامن ملڪ آهي ملڪ ۾ انترنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي سٺو سوڻ آهي ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به ڪرڪيت بحال ڪنداسين هن چيو ته پاڪستان جي مخالفن جون سازشون اڄ ناڪام ٿي ويون ۽ اڄ بنگلاديش ٽيم، جي ٿورائتي آهيان جنهن سمورين سازشن کي ناڪام ڪيو هن چيو ته بنگلاديش جي حڪومت عوام بنگلاديشي ڪرڪيٽ بورڊ ۽ بنگلاديش حڪومت جا به ٿورا مڃيا هڪ سوال تي هن چيو ته هن ملڪ جو وزيراعظم اسپورٽس مين اهي ان جو عزم پاڪستان ۾ راند کي هٿي وٺرائڻ آهي پاڪستان جو وزيراعظم عمران خان امن جو علمبردار بڻيو هن چيو ته وزيراعظم جي ڪوشش هوندي آهي ته امن قائم ٿئي هي سندن ڪوششن جو ثبوت آهي ته ڪرڪيت بحال ٿي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سيالڪوٽ ڪرڪيٽ جي جنم ڀومي آهي ٽي-20، ون ڊي ۽ ٽيسٽ ۾ اهم رانديگرن جو تعلق سيالڪوٽ سان ان ۾ استعمال ٿيندر سمورو سامان سيالڪوت ۾ تيار ٿئي ٿو اتي ڪرڪيٽ جا اسٽيڊيم آباد نه هجن ته اها ناانصافي ٿيندي اسان بحالي لا3 ڪوشان اهيون هن چيو ته منهنجي خواهش اهي ته پهرين مرحلي ۾ وومين ٽيم اچي سيالڪوٽ ۾ ڪرڪيٽ کيڏي ۽ مان ان لاءِ سهولت ڏين جو ڪردار ادا ڪري رهي آهيان.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران مختلف سيڪريٽرين جي آفيس جو اوچتو دورو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صبح جو ڏهين وڳي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے