Home / سنڌ / سنڌ حڪومت خاص طور تي صوبائي وزير چوپائي مال جون ڪاوشون ساراهه جوڳو عمل آهن: فريال ٽالپر

سنڌ حڪومت خاص طور تي صوبائي وزير چوپائي مال جون ڪاوشون ساراهه جوڳو عمل آهن: فريال ٽالپر

حيدرآباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ  جي صدر ۽ ايم پي اي محترمه فريال ٽالپر چيو آهي ته ملڪ جي پاليسي جوڙيندڙن کي گهرجي ته اهي ملڪ کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ لاءِ چوپائي مال ۽ زراعت واري شعبي کي  هٿي وٺرائڻ لاءِ جٽادار پاليسون جوڙين. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو لائيو اسٽاڪ کاتي پاران ثقافت، سياحت ۽ نوادرات، رانديون، نوجوانن جي معاملن، زراعت  ۽ قيمتن واري بيورو جي کاتن ۽ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد جي سهڪار سان حيدرآباد جي هٽڙي بائي پاس وٽ چوپائي مال جي ٻن ڏينهن واري ملڪي نمائش جنهن کي لائيو اسٽاڪ ايڪسپو 2020ع جو نالو ڏنو ويو آهي جي افتتاح جي موقعي تي خاص مهمان طور ڳالهائيندي ڪيو. سيمينار ۾ ڳالهائيندي فريال ٽالپر چيو ته سنڌ حڪومت جانورن جي مختلف قسمن جي نسلن جي واڌ ويجهه  لاءِ جيڪو ڪم ڪري رهي آهي اهو ساراهه جوڳو عمل آهي. هن چيو ته مختلف قسم جي چرند ۽ پرند جي واڌ وايجهه، انهن جي مارڪيٽ بابت چوپائي مال واري کاتي جيڪا حڪمت عملي جوڙي آهي ان سان نه فقط سنڌ پر پاڪستان کير ۽ گوشت جي  اپت ۾ پاڻڀرو ٿي ويندو  ۽ ماڻهن لاءِ روزگار جا نوان موقعا ميسر ٿي ويندا. ان سان گڏوگڏ ڀاڳين کي به سندن اپت جو چڱو ناڻو ملي سگهندو. هن چيو ته مالوند کي مال ۽ انهن جي مختلف نسلن بابت ڄاڻ ۽ رهنمائي  فراهم ڪرڻ هڪ اهم مسئلو آهي  ۽ جيڪڏهن اهو حل ٿي ويو ته چوپائي مال جو شعبو تمام گهڻي ترقي ڪندو. هن چيو ته چوپائي مال جي شعبي لاءِ ايندڙ5 سالن جي حڪمت عملي جوڙي وڃي. هن چيو ته اڄوڪي نمائش جهڙا پليٽ فارم آبادگارن، مالوندن ۽ واسطيدارن لاءِ تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿيندا. ان موقعي تي ڳالهائيندي محترمه فريال ٽالپر سنڌ جي صوبائي وزير انجنيئر عبدالباري پتافي سميت سندس پوري کاتي جي عملدارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.  ان موقعي تي ڳالهائيندي چوپائي مال ۽ فشريز واري صوبائي وزير انجنيئر عبدالباري پتافي چيو ته اڄوڪي اها نمائش لڳائي چوپائي مال جي  شعبي ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ بدقسمتي سان صنعتي شعبي تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو ويو پر زراعت  ۽ چوپائي مال جي شعبي ڏانهن ڌيان نه ڏنو ويو اهو ئي سبب آهي جو ملڪ ۾ مختلف زرعي جنسن ۽ جانورن  جي مختلف نسلن اوتري ترقي نه  ڪئي جيتري  ڪرڻ کپي ها. هن چيو ته سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته چوپائي مال جي شعبي کي ايترو ته سگهارو بڻايو ويندو جو ملڪ کير ۽ گوشت جي اپت ۾ نه رڳو پنهنجن پيرن تي بيهي ويندو پر ٻاهرين ملڪن مان به قيمتي ناڻو ڪمائي سگهندو. هن چيو ته  اسان جي ملڪ ۾ ٽيڪسٽائيل  سميت ٻين صنعتن لاءِ  ترقي جا ڪيترائي موقعا آهن پر چوپايو مال  تي جيڪڏهن ڌيان ڏجي ته اهو شعبو ٻين صنعتن جي ناڻي کان وڌيڪ ناڻو ڪمائي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته ملڪ جي 60 سيڪڙو ماڻهن جو گذر سفر چوپائي مال سان ڳنڍيل آهي. هن چيو ته پاڻي جي کوٽ ڪري زراعت شعبي کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي جنهن جي ازالي لاءِ چوپايو مال جي شعبي کي سگهارو بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته  نمائش ۾ اٺن، گهوڙن، ٻڪرين، مينهن، ڍڳين، پکين ۽ مختلف قسم جي مڇين  جي نسلن جا اسٽال لڳل آهن. هن چيو ته هن نمائش ۾ ملڪ  جي  چئني صوبن جا نه رڳو مالوند آيل آهن پر حڪومت پنجاب جا ٿورائتو آهيون جنهن جو صوبائي وزيرچوپايو مال ۽ ڊيري ڊولپمينٽ حسنين بهادر دريشڪ،  صوبائي سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري ڊولپمينٽ  پنجاب  نديم ارشد ڪياني  سميت چوپايو مال واري کاتي جا 50 عملدار هن نمائش ۾  شرڪت  لاءِ موڪليا آهن. هن چيو ته مال سان لاڳاپيل ادارا جيڪي جانورن جو کاڌو يا دوائون تيار ڪن ٿا انهن لاءِ به اها نمائش لاڀائتي ثابت ٿيندي. هن چيو ته اسان جي ملڪ جي جي ڊي پي  ۾ وڏو حصو چوپايو مال  جي صنعت جو آهي  ڇاڪاڻ ته چوپايو مال وارو شعبو قومي معيشت ۾ 11 سيڪڙو ڏئي ٿو ۽ کيس موٽ ۾  گهٽ  حصو ملي ٿو. هن چيو ته ملڪ گذريل آدم شماري موجب 53 سيڪڙو ماڻهن جو گذر سفر مال تي هو جيڪو هن سال وڌي 63 سيڪڙو  ٿي ويو آهي. هن چيو ته ماڻهن کي نوڪرين بدران مال پالڻ گهرجي ان لاءِ ماڻهن ۾ مال جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ جاڳرتا بيدار ڪرڻ لاءِ ضلعي سطح تي مخلتف سيمينار ، تربيتي ورڪشاپ ۽ ٻيا پروگرام رکيا پيا وڃن. هن چيو ته اسان جو ملڪ زرعي ملڪ آهي ۽ جيڪڏهن زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ شعبي کي ترقي وٺرائي صحيح رستي تي آندو ويو ته ملڪ  پاڻمرادو ترقي ڪندو. هن مثال ڏيندي چيو ته ٿر ۾ 70 لک جانورن موجود آهن ۽ ماڻهو جيڪڏهن انهن جو کير پيئڻ شروع ڪيو ته غذائي کوٽ نه ٿيندي پر اسان ان کان اڳتي وڃي فارمرز کي سگهارو بڻائي کير ۽ گوشت جي پيداوار ايتري حد تائين وڌائڻ گهرون ٿا جنهن سان نه صرف ملڪي ضرورت پوري ٿيندي پر ٻاهرين ملڪن مان به قيمتي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو ان ڪري مالوند کي گهرجي ته اهي پاڻ کي  فارمرز طور کاتي وٽ رجسٽرڊ ڪرائين  ۽ کاتي جي 17 مختلف قسم جون مفت سهولتون  حاصل ڪن. ان موقعي تي ڳالهائيندي  صوبائي وزير چوپايو مال اينڊ ڊيري ڊولپمينٽ پنجاب حڪومت سردار حسنين بهادر دريشڪ چيو ته اسانجو ملڪ دنيا ۾ کير اپائيندڙ ملڪن جي لسٽ ۾ 6 نمبر تي آهي جڏهن ته چوپائي مال ۽ زراعت کاتي بابت اڄ ڏينهن تائين جيڪي به انگ اکر ظاهر ڪيا ويا آهن انهن تي اسانکي خدشا آهن. هن چيو ته اسان وٽ جانوررکڻ تي ڪو به ٽيڪس نه آهي جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ دنيا جي ترقي يافته ملڪن جهڙوڪ ڪينيڊا ۾ هڪ ڳئون رکڻ تي  سالياني 30 هزار يورو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوي ٿو. هن چيو ته اسانکي پاڻي جي کوٽ  کي   نظر ۾ رکندي زراعت کان وڌيڪ چوپائي مال جي شعبي طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي جيڪا وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته اهڙي قسم جي نماش پنجاب ۾ به لڳائي وئي هئي پر اڄوڪي اها نمائش ان نمائش کان گهڻي ڀاڱي وڏي۽ بهتر آهي جنهن تي سنڌ حڪومت  خاص طور تي صوبائي وزير چوپائي مال جون ڪاوشون ساراهه جوڳو عمل آهن. هن چيو ته اسانکي پنهنجي ملڪ ۾ کير ۽ گوشت جي پيداوار وڌائڻ لاءِ چوپائي مال جي  شعبي تي انحصار ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي سيڪريٽري چوپايو مال اعجاز احمد مهيسرآيل مهمانن کي ڀليڪار ڪيو ۽ چيو ته چوپايو مال جي شعبي جو مستقبل جي باري ۾ منصوبن  ۽ چوپايو مال جي کاتي جي ڪارڪردگي، نمائش جي مقصدن تي تفصيلي روشني وڌي. ان موقعي تي عبدالبار پتافي محترمه فريا ٽالپر  کي يادگار شيلڊ پيش ڪئي جڏهن ته محترمه فريال ٽالپرپڻ عبدالبار پتافي کي شيلڊ ڏني تقريب ۾ ٻين کان علاوه انڊونيشيا ۽ ٿائيلنڊ جي قونصل  جنرلز کان علاوه ايم اين اي آپا شگفته جماڻي، ايم پي اي ڄام مدد علي، ايم پي اي ڄام خان شورو، ايم پي اي عبدالجبارخان  کان علاوه ڪمشنر حيدرآباد ۽ شهرين جي وڏي انگ، مالوندن ۽ واسطيدارن کان علاوه  ٻيا پڻ موجود هئا.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران مختلف سيڪريٽرين جي آفيس جو اوچتو دورو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صبح جو ڏهين وڳي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے