Home / سنڌ / حڪومت نٿي چاهي ته ڪي سي آر هلي، ڇا توهان کي هنن مسئلن جي خبر نه هئي؟: سُپريم ڪورٽ

حڪومت نٿي چاهي ته ڪي سي آر هلي، ڇا توهان کي هنن مسئلن جي خبر نه هئي؟: سُپريم ڪورٽ

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سُپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي حڪومت نٿي چاهي ته ڪي سي آر هلي، سنڌ جي وڏي وزير، سيڪريٽري ريلوي، ميئر ۽ ڪمشنر ڪراچي کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪريون ٿا. عدالت اڳيان سنڌ سرڪار ۽ ريلوي کاتي ڪي سي آر ۾ دير جو ذميوار هڪٻئي کي قرار ڏنو. سُپريم ڪورٽ ۾ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ لوڪل ٽرن جي بحاليءَ واري معاملي تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران سيڪريٽري ريلوي، ڪمشنر ۽ ميئر ڪراچي سوڌو اي جي سنڌ پيش ٿيا. سنڌ سرڪار جو موقف ٻڌڻيءَ دوران اي جي سنڌ عدالت کي آگاهي ڏني ته سُپريم ڪورٽ هڪ مهيني ۾ سرڪلر ريلوي ۽ لوڪل ٽرين جي بحاليءَ جو حڪم ڏنو هو، اهي منصوبا هاڻي سي پيڪ جو حصو ٿي چڪا آهن. سنڌ حڪومت فريم ورڪ مڪمل ڪري 3 ڀيرا وفاقي سرڪار ڏانهن موڪليا آهن. جنهن تي سيڪريٽري ريلوي چيو ته وفاقي حڪومت منصوبن ۾ دير نه ڪري رهي آهي، اُها پنهنجي ذميواري پوري ڪري رهي آهي. وڏي وزير سوڌو ٻين کي توهين عدالت جا نوٽيس ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته حڪومت نٿي چاهي ته ڪراچي سرڪلر ريلوي هلي، هاڻي ئي سنڌ جي وڏي وزير ۽ سيڪريٽري ريلوي کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪريون ٿا، ميئر ۽ ڪمشنر ڪراچي کي به توهين عدالت جا نوٽيسز جاري ڪريون ٿا. چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان ذميواريون پوريون نٿا ڪرڻ گهرو، هلو مون سان گڏ، آئون ٻڌايان ٿو ته ڪم ڪيئن ٿيندو آهي؟ توهان سياسي ايجنڊا سبب ايئن پيا ڪريو اي جي سنڌ عدالت ۾ چيو ته سيڪريٽري ريلوي غلط بياني ڪري رهيو آهي، حددخلين جو خاتمو ۽ زمين سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ ريلوي کاتي جي ذميواري هئي. جنهن تي چيف جسٽس اي جي سنڌ سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جو به اهو ئي حال آهي، اڄ هڪڙي ڳالهه چئي رهيا آهيو، سڀاڻي ٻي ڳالهه چوندئو. توهان رڳو پنهنجي سياسي ايجنڊا ۽ سياسي مصلحت سبب اهو ڪري رهيا آهيو. هاڻي ئي غيرقانوني عمارتون بلڊوز ڪريو بئريسٽر فيصل صديقي ٻڌڻيءَ دوران دليل ڏيندي چيو ته حددخلين خلاف آپريشن ۾ اميرن جون عمارتون نه ڊاٺيون ويون آهن، رڳو غريبن کي بي گهر ڪيو ويو، جنهن تي چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته اميرن جا گهر نه ڊاٺا ويندا،ڇو جو هنن جو مفاد ئي اِن ۾ آهي. چيف جسٽس حڪم ڏنو ته وڃو! هاڻي ئي سموريون غيرقانوني اڏاوتون بلڊوز ڪريو. حسن اسڪوائر تي ڏسو ته ڇا ڇا ٺهي ويو آهي، توهان ماڻهن کي سهولتون نٿا ڏيڻ چاهيو. سيڪريٽري ريلوي طرفان سنڌ سرڪار رڪاوٽ قرار ٻڌڻيءَ دوران سيڪريٽري ريلوي عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته ڪي سي آر ۾ دير جي ذميوار سنڌ سرڪار رڪاوٽ بڻيل آهي. عدالت پُڇيو ته ڇا اها ذميواري سنڌ حڪومت جي آهي؟ سيڪريٽري ريلوي عدالت کي جواب ڏيندي چيو ته معاهدي موجب هاڻي سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي. عدالت چيو ته هاڻي ئي سنڌ جي وڏي وزير کي گهرائي پُڇون ٿا ته ڪنهن جي ذميواري آهي؟ توهان ٻڌايو ته سرڪلر ريلوي جي زمين توهان سنڌ سرڪار کي ڏئي ڇڏي آهي. عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جڏهن آرڊر پاس ٿيو هو ته سموريون شيون موجود هيون، ڇا توهان کي هنن مسئلن جي خبر نه هئي؟

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران مختلف سيڪريٽرين جي آفيس جو اوچتو دورو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صبح جو ڏهين وڳي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے