Home / سنڌ / ڪراچي رجسٽري ،ڊائريڪٽر سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي عدالتي ڪمري مان نڪرڻ جو حڪم

ڪراچي رجسٽري ،ڊائريڪٽر سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي عدالتي ڪمري مان نڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سُپريم ڪورٽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊي جي سوڌو سمورن اعليٰ آفيسرز کي فوري هٽائڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته وڏو وزير سمورا مامرا پاڻ ڏسي ۽ ڪو ايماندار آفيسر مقرر ڪري. سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪراچي ۾ غيرقانوني اڏاوتن واري مامري تي ٻڌڻيءَ دوران سنڌ بلڊنگ ڪنٽرل اٿارٽيءَ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت ڊي جي ايس بي سي اي فوري طور عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سُپريم ڪورٽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي سمورن اعليٰ آفيسرز کي به هٽائڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جو وڏو وزير سمورا مامرا پاڻ ڏسي ۽ ڪنهن ايماندار آفيسر کي مقرر ڪري، ڪنهن کي به شهرين جي استحصال جي اجازت نه ڏني ويندي. عدالت ٻڌڻيءَ دوران پيش ٿيل ايس بي سي اي جي ڊائريڪٽر مشتاق سومرو کي عدالتي ڪمري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ٻڌڻيءَ دوران جسٽس سجاد علي شاهه ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪراچي جي ناظم آباد جي هر گهٽي ۽ پاڙي ۾ سريعام پئسا ڏئي پورسن ٺاهيا پيا وڃن. ڊي جي ايس بي سي اي سان مخاطب ٿيندي عدالت جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته ڇا توهان هاڻي ئي مون سان گڏ هلي ڏسندئو؟ سرڪاري نمبر پليٽ جي گاڏي بيهاري غيرقانوني طور اڏاوتون ڪيون پيون وڃن. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اها ڪراچي شهر جي مڪمل تباهي آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران مختلف سيڪريٽرين جي آفيس جو اوچتو دورو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صبح جو ڏهين وڳي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے