Home / سنڌ / احتساب نالي سول سروس جي ڀوائتي حالت بڻائي وئي، آفيسر فيصلا ڪرڻ لاءِ تيار ناهن: وڏو وزير

احتساب نالي سول سروس جي ڀوائتي حالت بڻائي وئي، آفيسر فيصلا ڪرڻ لاءِ تيار ناهن: وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽ:واحد موسى ڀٽو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته احتساب جي نالي تي سول سروس جي جيڪا حالت ڪئي وئي، اها ڏاڍي ڀوائتي آهي، ڪو به آفيسر هاڻي فيصلا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، توانائي بحران جو حل سنڌ وٽ موجود آهي، جون مهيني ۾ ڪوئلي تي بجلي پيدا ڪنداسين، ٿر سموري ملڪ کي روشن ڪندو. ڪالھ ڪراچي لٽريچر فيسٽيول ۾ ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پاڪستان جي قيام بعد سنڌ ۾ وڏي پيماني تي هجرت ٿي، ان وقت سنڌ جي معيشت بهتر هئي، جيڪا بعد ۾ مسئلن جو شڪار ٿي وئي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان تحت جي معيشت ٻيهر بهتر ٿي وئي، پوءِ مارشل لا لڳو ۽ معاشي ترقي سخت متاثر ٿي، شهيد ڀٽو جي حڪومت تحت پوري معيشت کي ٻيهر سنڀاليو ويو، سنڌ جي نوجوانن کي اڳتي آڻڻ لاءِ ڪوٽا سسٽم متعارف ڪرايو ويو، سنڌ صوبو ترقي ڪرڻ لڳو، پر وري ضياءَ الحق مارشل لا لڳايو. وڏي وزير چيو ته مارشل لائن دوران معيشت تباھ ٿيڻ سان ڪيترائي مسئلا به پيدا ٿيا، هاڻي جمهوريت جي مضبوطي سميت سماجي شيطانن جي خاتمي لاءِ به جدوجهد شروع ٿي وئي، وڏي جدوجهد ۽ قربانين بعد جمهوريت آئي. هن چيو ته ڪراچي جي معيشت، سماجي زندگي ۽ تعليم سميت سڀ ڪجهه ڪراچي ۾ امن امان جي ور چڙهي ويو، امن ٽارگيٽڊ آپريشن ذريعي بحال ڪرايو ويو، ڪراچي جي نئين سر تعمير ٿي، هڪ ٽرلين ڪراچي جي ڍانچي جي بحالي، پاڻي، سيوريج، روڊز جي اڏاوت تي خرچ آيو، هاڻي ڪراچي ترقي ڪري رهيو آهي. وڏي وزير چيو ته ملڪ جي توانائي بحران جو حل سنڌ وٽ موجود آهي، اسان جي ڪوئلي جا ذخيرا، ونڊ ۽ سولر انرجي ڪوريڊور ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهيا آهن، ڪول مائيننگ جو ڪم بهتر ۽ زبردست طريقي سان ڪاميابي سان هلي رهيو آهي، جون مهيني ۾ ڪوئلي تي بجلي پيدا ڪنداسين، سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان ٿر جي انفرا اسٽرڪچر ڊولپمپينٽ تي 1 بلين ڊالر خرچ ڪري چڪا آهيون، ٿر هاڻي سموري ملڪ کي روشن ڪندو. ٿر ۾ سائينٽيفڪ ميٿڊز سان سيلائين واٽر تي زراعت متعارف ڪرائي وئي آهي، ٿرڪول فيلڊ جي متاثر ماڻهن کي بحال ڪرائڻ لاءِ گهر ڏنا، مالڪاڻا حق ۽ معاوضو ڏنو ۽ پروجيڪٽ ۾ حصيداري به ڏني آهي، ٿر جي ٻهراڙي واري زندگي ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته تعليمي سيڪٽر ۾ سنڌ سرڪار انگلش ميڊيم اسڪولز ۽ يونيورسٽيز ٺاهيون آهن، هاڻي تعليمي ادارن کي بهترين ادارا بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، صحت جي شعبي ۾ به بهترين ڪم ڪيو ويو آهي.جي پي ايم سي، اين آءِ سي ايڇ ۽ اين آءِ سي وي ڊي کي مثالي ادارو بڻائڻ لاءِ ڪم ڪيو. سيد مراد علي شاھ چيو ته ادارن جي بجيٽ  کي30 بلين رپين تائين ڪيو ويو پر هڪ فيصلي تحت اهي ادارا اسان کان کسيا ويا، پوري صوبي ۾ هن وقت صحت جي شعبي ۾ بهتري آندي وئي آهي. سنڌ جي معيشت بهتر ڪري رهيا آهيون، اسان جي روينيو ڪليڪشن پوري ملڪ جي روينيو ڪليڪشن کان بهتر آهي، هن چيو ته اسان جي معيشت ترقي ڪري رهي آهي، ان کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي گنجائش آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سول سروس جي احتساب جي نالي تي جيڪا حالت ڪئي وئي، اها ڏاڍي ڀوائتي آهي، ڪو به آفيسر هاڻي فيصلا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. وڏي وزير چيو ته هڪ آفيسر ٽن مهينن ۾ آبادگارن کي پاڻي فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. مان کيس هٽايو ته عدالت بحال ڪري ڇڏيو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے