Home / انٽرنيشنل / وزيراعظم عمران خان ملائيشيا جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پهچي ويو

وزيراعظم عمران خان ملائيشيا جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پهچي ويو

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سومر تي ملائيشيا جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روانو ويو، پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي، رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن بابت وفاقي وزير اسد عمر ۽ واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود به ساڻس گڏ آهن. پرڏيهي آفيس جي جاري بيان مطابق وزيراعظم عمران خان هي دورو ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد جي دعوت تي ڪري رهيو آهي. دوري دوران ٻئي وزيراعظم ڌار ڌار ملاقات ڪندا ۽ ان علاوه وفدن جي سطح تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندا. ان کان علاوه هو اهم معاهدن ۽ مفاهمت جي ياد داشتن تي صحيصن جي تقريب ۾ به شريڪ ٿيندو. جڏهن ته گڏيل پريس ڪانفرن به ڪندا. ان کان علاوه دوري دوران وزيراعظم عمران خان انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ  ۽  انٽرنيشنل اسٽڊيز جي اهتمام هيٺ ٿنڪ ٽينڪس کي به خطاب ڪندو. وزيراعظم عمران خان جو ملائيشيا جو هي دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ بهتر شراڪت داري کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ واري عزم جي علامت آهي. وزيراعظم عمران خان طرفان آگسٽ 2018ع ۾ عهدو سنڀالڻ بعد هي ملائيشيا جو ٻيو دورو آهي. هن کان پهرين هو 20 کان 21 نومبر 2018ع دوران ملائيشيا جو دورو ڪري چڪو آهي جڏهن ته ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد 21 کان 23 مارچ 2019ع تائين پاڪستان جو دورو ڪيو هو ۽ هو پاڪستان جي ڏهاڙي تي منعقد پريڊ جو خاص مهمان هو. ٻنهي وزيراعظمن وچ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي دوران سيٽپمبر 2019ع ۾ نيويارڪ ۾ به ملاقات ٿي هئي. پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن جنهن جو بنياد ساڳو مذهب ۽ ثقافت آهي، جڏهن ته ان سان گڏوگڏ باهمي اعتماد ۽ مفاهمت آهي، ٻنهي ملڪن جي قيادت جي ويزن جي روشني ۾ ويجهڙائي جي ڪجهه سالن ۾ ٻطرفا تعلق وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. واپار، سيڙپڪاري، صنعت، بچاءُ ۽ تعليم سان گڏوگڏ مختلف عالمي فورمز تي ٻنهي ملڪن جو پاڻ ۾ ويجهو تعاون رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي دوري سان پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ ۽ ٻطرفن تعلقن کي عروج تي آڻڻ جا موقعا ميسر ٿيندا. دوري دوران وزيراعظم مختلف موقعن تي علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي حوالي سان پاڪستان جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪندو. هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي مجموعي صورتحال تي روشني وجهندو، جڏهن ته ڄمون و ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي اهميت تي زور ڀريندو، جيڪو خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ ڀارتي قدمن سبب درپيش آهي. وزيراعظم عمران خان جو هي دورو پاڪستان ۽ ملائيشيا جي تاريخي تعلقن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ ۽ اعلى سطح جي ٻطرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

قوم ذاتي رليف لاءِ عوام جي رليف جو گوڙ ڪندڙن کي سڃاڻي ٿي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے