نڪور خبرون
Home / سنڌ / سنڌ جو عوام اڄ به وطن جي حفاظت لاءِ تيار آهي: نثار کهڙو

سنڌ جو عوام اڄ به وطن جي حفاظت لاءِ تيار آهي: نثار کهڙو

حيدآباد ( رپورٽر ) پاڪستان پيپلزپاٽي حيدرآباد ڊويزن پاران پاڪ آرمي سان اظهار يڪجهتي ۽ ڀارتي جارحيت خلاف ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهباز بلڊنگ کان ٿيندي ريڊيو پاڪستان سامهون پهتي. جتي ريلي  ۾ شريڪ ڪارڪنن پاڪستان زنده باد ، پاڪ آرمي زنده باد ، مودي سرڪار مرده باد جا نعره هنيا. ريلي ۾ شريڪ سوين ڪارڪنن پيادل مارچ ڪندي گل سينٽر کان ٿيندي حيدرآباد ريڊيو پاڪستان جلسي جي صورت اختيار ڪئي.ان موقعي تي پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جو بنياد سنڌ رکيو ۽ سنڌ جو عوام اڄ به پنهنجي وطن جي انچ انچ جي حفاظت لاءِ ميدان ۾ آهي، انهي لاءِ پاڪستان يڪجهتي ريلي ڪڍي پنهنجي وطن عزيز جي پاڪ فوج سان اظهار يڪجهتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته اسان جي قيادت هر وقت هن ڌرتي جي حفاظت لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي، ڇاڪاڻ جو هي ملڪ آهي ته اسين سڀ آهيون، انهي ڪري پ پ جي قيادت ذوالفقار علي ڀٽو هن ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻايو.هن چيو ته اڄ به جنهن جوان دشمن جو جهاز ڪيرايو ۽ پائليٽ کي گرفتار ڪيو، اهو سنڌ سان تعلق رکي ٿو، عمران خان کي شرم اچڻ گهرجي، جنهن اسمبلي ۾ اهو نه چيو ته آئون ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جو ٿورائتو آهيان، جن هن ملڪ کي ايٽمي طاقت ڏني، ڇو ته هو ننڍڙي دل وارو تعصبي ماڻهو آهي، پر حڪمرانو هوش ۾ اچو، پنهنجي محسنن کي سڃاڻو، اسين نه ڪڏهن ڊنا آهيون ۽ نه ئي ڊڄون ٿا، ٻاهرين دشمنن توڙي اندروني دشمنن جو مقابلو ڪري سگهون ٿا، اڄ جي حڪمرانن کي ذوالفقار علي ڀٽو جهڙو حوصلو رکڻو پوندو، اسان کي ڪو فڪر ناهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جي سربراهه وزيراعظم جي استعيفيٰ مطالبي کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

 اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پاران جي يو آءِ سربراهه سان ڳالهين لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے