Home / پاڪستان / عمران خان کي حورون ۽ عوام کي موت جا فرشتا نظر اچي رهيا آهن: مريم اورنگزيب

عمران خان کي حورون ۽ عوام کي موت جا فرشتا نظر اچي رهيا آهن: مريم اورنگزيب

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان کي حورون ۽ عوام کي موت جا فرشتا نظر اچي رهيا آهن. تحريڪ انصاف حڪومت تي تنقيد ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته توهان جي ستايل عوام فيڪٽرين کي تالا هڻي چاٻيون نالائقن حوالي ڪري ڇڏيون آهن، خواب ڏيکاري عوام کي دوکو ڏيندڙن کي معاشي حقيقتن وائکو ڪري ڇڏيو آهي، عمران صاحب بهترين حالتن ۾ بدترين ڪارڪردگي تي ڪاميابي کي ناڪامي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو اسحاق ڊار 2013 ۾ ذميواري سنڀالي ته 8.8 سيڪڙو خسارو هو، اسحاق ڊار ترقي جي شرح 5.8 سيڪڙو ڪئي، جنهن کي عمران خان تباهه ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته اسحاق ڊار کي ملڪ ۽ قوم جي خدمت جي سزا بي بنياد الزامن تحت ڏني وئي، نيب نيازي ڳٺ جوڙ مٿس ڪوڙا ۽ سياسي انتقام تي ٻڌل ڪيس قائم ڪيا، عمران صاحب جي معاشي ڪارڪردگي ملي ڀڳت سان ڦرلٽ آهي، عمران صاحب! توهان اسحاق ڊار تي تهمت هڻي معيشت کي بهتر نٿا بڻائي سگهو. مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي باوجود عمران خان کي حورون پر عوام کي موت جا فرشتا نظر اچي رهيا آهن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران مختلف سيڪريٽرين جي آفيس جو اوچتو دورو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صبح جو ڏهين وڳي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے