Home / رانديون / پي ايس ايل 4 جون لاهور ۾ رٿيل ميچز ڪراچي منتقل

پي ايس ايل 4 جون لاهور ۾ رٿيل ميچز ڪراچي منتقل

ڪراچي(رپورٽر) پي ايس ايل 4 جون لاهور ۾ رٿيل ميچز ڪراچي منتقل ڪيون ويون، سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته سموريون ميچز ڪراچي ۾ ٿيڻ چيلينج آهي، جنهن ۾ سڀني جو سهڪار گهرجي. لاهور ۾ پي ايس ايل جون رٿيل 3 ميچز به سڪيورٽي خدشن جي ڪري ڪراچي منتقل ڪيون ويون آهن، هاڻي ڪراچي ۾ ڪُل 8 ميچز ٿينديون، جنهن لاءِ نيشنل اسٽيڊيم وٽ سڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا پيا وڃن. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن پهريان پي ايس ايل جون 2 ميچز ڪراچي ۾ ڪرائڻ لاءِ چيو هو پر هاڻ سموريون 8 ئي ميچز ڪراچي ۾ ٿيڻ پيون وڃن. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ ايتريون ميچز ڪرائڻ وڏو چيلينج آهي. پنهنجي طرفان هر ممڪن تياري ڪري رهيا آهيون، پر هر شخص جي سهڪار گهرجي، ياد رهي ته پي ايس ايل 4 جي فائنل سميت 8 ميچز پاڪستان ۾ شيڊولڊ هيون، جن مان 3 لاهور ۽ 5 ڪراچي ۾ ٿيڻيون هيون، پر هاڻي سڪيورٽي خدشن جي ڪري لاهور واريون ٽئي ميچز به ڪراچي منتقل ڪيون ويون آهن.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي: ايرون فنچ

ٽائونٽن (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ايرون فنچ چيو آهي ته پاڪستاني دوري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے