Home / انٽرنيشنل / سعودي عرب حوثي باغين جو بيلسٽڪ ميزائل حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو

سعودي عرب حوثي باغين جو بيلسٽڪ ميزائل حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو

رياض (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سعودي فورسز حوثي باغين جو بيلسٽڪ ميزائل حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو.عرب اتحاد جي ترجمان موجب حوثي باغين بيلسٽڪ ميزائل ذريعي سعودي عرب جي ڪنهن شهر کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سعودي ايئر ڊفينس طرفان نشاني تي پهچڻ کان اڳ ئي نجران واري علائقي ۾ ميزائل کي ڪيرايو ويو. حوثي باغين طرفان بيلسٽڪ ميزائل جو حملو يمن ۾ فوجي بيس تي حملي جي هڪ ڏينهن کانپوءِ ڪيو ويو، جنهن ۾ 83 اهلڪار مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا هئا. پرڏيهي ميڊيا موجب ميزائل حملي ۾ يمن جي وچ صوبي مارب ۾ قائم فوجي تربيتي ڪئمپ جي مسجد کي نشانو بڻايو ويو. فوجي اختيارين جو چوڻ هو ته حملي وقت مسجد ۾ نماز پڙهندڙن ۾ فوجين جو وڏو انگ موجود هو، جڏهن ته جاني نقصان ۾ واڌ جو خدشو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 57 ڄڻا فوت ٿي ويا، انگ 360 ٿي ويون

بيجنگ ( مانيٽرنگ ڊيسڪ) چين ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگيون 360  ٿي ويون . فرانسيسي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے