Home / پاڪستان / اٽي جي بحران جو ذميوار اسڪرين تان آئوٽ آهي: مولانا فضل الرحمان

اٽي جي بحران جو ذميوار اسڪرين تان آئوٽ آهي: مولانا فضل الرحمان

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ)جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي  سربراهه مولانا فضل الرحمان ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ اضافي ۽ بحران جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي ڪڻڪ ۽ گيس ملڪي پيداوار آهن ان جو بحران پيدا ٿيڻ ظاهر ڪري ٿو ته هي هٿرادو بحران آهي. پارٽي اڳواڻن سان ملاقات  دوران جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته اٽي جي بحران جو ذميوار سامهون نه اچي رهيو. آهي، نام نهاد حڪومت اسڪرين تان آئوٽ آهي. هن چيو ته قوم کي ٻڌايو وڃي ته اٽي جي بحران جون اصل حقيقتون ڇا آهن؟ اٽي  بحران سان گڏوگڏ گيس بحران قوم کي نام نهاد حڪومت جي اصليت ڏيکاري ڇڏي آهي. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته اٽي ۽ ماني جي قيمتن ۾ اضافو عوام جي منهن مان ماني جو گرهه کسڻ  برابر آهي. سندس چوڻ هو ته  رياست مدينه جي دعويدار حڪمرانن جي ناڪام پاليسين غريب عوام کي خودڪشي تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته بجلي، گيس جي قيمتن ۾ اضافي کان پوءِ اٽي جي بحران غريب عوام جو جيئڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران مختلف سيڪريٽرين جي آفيس جو اوچتو دورو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صبح جو ڏهين وڳي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے