Home / Uncategorized / شديد برفباري سبب آزاد ڄمون ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ تباهي فوتين جو انگ 82 ٿي ويو

شديد برفباري سبب آزاد ڄمون ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ تباهي فوتين جو انگ 82 ٿي ويو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي اين ڊي ايم اي جي ترجمان چيو آهي ته شديد بارشن ۽ برفباري جي نتيجي ۾ آزاد ڄمون ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ 75 ماڻهو موت جي ور چڙهي ويا. ترجمان طرفان جاري بيان مطابق شديد بارشن ۽ برفباري جي نتيجي ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 55 ماڻهو جڏهن ته نيلم وادي جي ڳوٺ سرنگان ۾ برفاني ڇپن جي ضد ۾ اچي 19 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. برفاني ڇپن جي نتيجي ۾ 10 ماڻهو اڃا تائين ڦاٿل آهن جن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. هن وقت تائين چئن ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي. ترجمان مطابق مسافرن لاءِ تنبو، راشن ۽ ٻين ضرورت وارين شين کي مظفر آباد جي ڏورانهن علائقن ڏانهن موڪليو ويندو. بلوچستان جي مختلف علائقن جن ۾ ڪوئيٽا، پشين، زوب، قله عبدالله ۽ ڪيچ ۾ شديد برفباري ۽ برساتن سبب 20 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن ۽ 23 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. آزاد ڪشمير ۽ ڪي پي ڪي ۾ شديد برساتن سبب 35 گهرن کي نقصان پهتو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران مختلف سيڪريٽرين جي آفيس جو اوچتو دورو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صبح جو ڏهين وڳي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے