Home / سنڌ / گورنر جي پير پاڳاري سان ملاقات، سنڌ جي ورهاست قبول ناهي: صدر الدين شاهه راشدي

گورنر جي پير پاڳاري سان ملاقات، سنڌ جي ورهاست قبول ناهي: صدر الدين شاهه راشدي

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل حرن جي روحاني پيشوا  پير پاڳاري سان  ملاقات ڪئي،  صدر الدين شاهه راشدي جو چوڻ آهي  ته  سنڌ جي ورهاست قبول ناهي، جيڪڏهن ڪنهن به سنڌ ڏانهن ميري اک به کنئي ته اها ڪڍي ڇڏينداسين. ڪراچي ۾ راجا هائوس تي پيرپاڳاري سان سنڌ جي گورنر  عمران اسماعيل ملاقات ڪئي . ملاقات ۾ ملڪي ۽ سياسي صورتحال بابت ڳالهيون ڪيون ويون. پيرپاڳاري گورنرکان سوال ڪيو ته  ايم ڪيو ايم راضي ٿي وئي ؟عمران اسماعيل وڌيڪ چيو ته متحده  کي راضي ڪري وٺنداسين. گورنر عمران اسماعيل وڌيڪ چيو ته  اتحادين کي گڏ کڻي  کلنداسين ، جڏهن ته اسان  توهان کان دعا وٺڻ آيا آهيون. پير پاڳاري ملاقات دوران واعدا پورا نه ڪرڻ جي سنڌ جي گورنر سان  شڪايت ڪئي. عمران اسماعيل چيو ته  جي ڊي اي  اتحادي آهي خدشا ختم ڪيا ويندا، جڏهن ته  سنڌ جي ورهاست سندن منشور ۾ شامل ناهي. ملاقات بعد فنڪشنل ليگ اڳواڻ صدر الدين شاهه راشدي ميڊيا سان ڳالهائيندي  چيو ته پي ٽي آءِ واعد پورا ناهن ڪيا ، جڏهن ته صوبي ۾ ڪرپشن ۽ اقرابا پروري عروج تي آهي . گورنر عمران اسماعيل چيو ته جي ڊي اي سان  تفصيلي ڳالهيون ٿيون آهن ، اهي سندن اتحادي آهن انهن جا خدشا ختم ڪيا ويندا. گورنر وڌيڪ چيو ملاقات ۾ بجلي ،  پاڻي ، گئس جي  مسئلن بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون ، جڏهن ته  گئس جي جائز حق لاءِ سنڌ جو ڀرپور ساٿ ڏنو ويندو…..

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيصل واوڊا جي نااهلي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي وزير فيصل واوڊا جي نااهلي جي لاءِ  داخل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے