نڪور خبرون
Home / پاڪستان / بلوچستان ۾ برسات جون تباهيون، پاڪ فوج پهچي وئي، ريسڪيو آپريشن

بلوچستان ۾ برسات جون تباهيون، پاڪ فوج پهچي وئي، ريسڪيو آپريشن

راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج بلوچستان ۾ برسات کانپوءِ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي فورسز انتظاميا جي مدد لاءِ بلوچستان پهتي آهي. بيان موجب پاڪ فوج جا هيلي ڪاپٽر ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري رهيا آهن، مڪران، لسٻيلا ۽ اتر بلوچستان ۾ امدادي ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دوريجي ۽ قلعي سيف الله مان 15 سئو کان وڌيڪ خاندانن کي ريسڪيو ويو آهي، جڏهن ته 35 سئو خاندانن کي راشن فراهم ڪيو ويو. پاڪ فوج جا ڊاڪٽر ۽ عملو متاثرن کي طبي سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي، درا خوجڪ، درا لاڪ ۽ شيلا باغ ۾ ڦاٿل گاڏين کي به ڪڍيو ويو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جي سربراهه وزيراعظم جي استعيفيٰ مطالبي کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

 اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پاران جي يو آءِ سربراهه سان ڳالهين لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے