Home / انٽرنيشنل / عراق ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي راڪيٽ حملو، ڪيترائي عراقي فوجي زخمي

عراق ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي راڪيٽ حملو، ڪيترائي عراقي فوجي زخمي

بغداد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) عراق جي صوبي صلاح الدين ۾ قائم هڪ آمريڪي فوجي اڏي تي گهٽ ۾ گهٽ 8 ميزائيل فائر ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي عراقي فوجي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. العربيه نيوز چينل مطابق بلد ايئر بيس تي ڪيترائي ميزائيل حملا ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي آمريڪي فوجي به زخمي ٿيا آهن جڏهن ته اڏي کي نقصان به پهتو آهي. سيڪيورٽي ميڊيا سيل ٻڌايو ته بلد اڏي تي 8 ڪي ٽو شا راڪيٽ حملا ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ فضائيه جو هڪ اهلڪار ۽ عراقي شهري پڻ زخمي ٿيا. عراقي سر زمين تي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ هاڻوڪي ڇڪتاڻ بعد ڪنهن به آمريڪي فوجي اڏي تي هي ٽيون حملو آهي، ويجهڙائي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ايران سڌو سنئون عراق ۾ ٻن آمريڪي فوجي اڏن تي ميزائيل حملا ڪيا ويا هئا، انهن حملن بعد بلد اڏي کان اڪثر فوجي ٻئي هنڌ منتقل ڪيا ويا. عراقي فوجي ذريعن جو چوڻ آهي ته بلد فوجي اڏي تي هن وقت صرف 15 آمريڪي فوجي ۽ هڪ جنگي جهاز باقي آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 57 ڄڻا فوت ٿي ويا، انگ 360 ٿي ويون

بيجنگ ( مانيٽرنگ ڊيسڪ) چين ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگيون 360  ٿي ويون . فرانسيسي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے