نڪور خبرون
Home / رانديون / سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ اختلاف سامهون اچي ويا

سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ اختلاف سامهون اچي ويا

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) سريلنڪا جي ٽيم ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا آهن. ليستهه مالنگا ڪپتاني ڇڏڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.هن چيو آهي ته مان ڪنهن به وقت قيادت تان استعيفيٰ ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيان. تفصيل موجب ڀارتي ۾ 3 ٽوئنٽي 20 ميچن جي سيريز ۾ 0-2 تان شڪست کان پوءِ سريلنڪا جي ٽيم ۾ اختلافن جون خبرون سامهون اچڻ لڳيون. رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته مالنگا جي اڳواڻي ۾  سڀ ڪجهه صحيح ناهي هلي رهيو. رانديگرن ۾ ڪافي اختلاف نظر اچي رهيا آهن.پاڻ مالنگا به اڳوڻي ڪپتانن تشارا پريرا ۽ انجيلو ميتهويز کي سائيڊ تي ڪري رکيو آهي. گذريل ڏينهن مالنگا ڀارت جي هٿان شڪست جي ذميواري قبول ڪئي هئي. هو ٻنهي ميچن ۾ هڪ به وڪيٽ حاصل نه ڪري سگهيو هو.ملڪ واپسي تي به هن صحافين سان ڳالهيون ڪندي به ذميواري قبول ڪئي هئي پر ان سان گڏ ئي هن اهو به واضح ڪيو ته سريلنڪا جا بالر مخالف ٽيم کي گهٽ رنسن تي محدود ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا. جڏهن ته بيٽسمين به وڏو اسڪور ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيا. هن چيو ته اهڙي ٽيم جيڪا عالمي رينڪنگ ۾ نائين نمبر تي هجي ان مان فوري طور تي اميدون به نٿيون رکي سگهجن.مالنگا واضح ڪيو ته هو ٽيم جي خراب ڪارڪردگي جي ذميواري قبول ڪرڻ ۽ ڪنهن به وقت استعيفيٰ ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. ياد رهي ته ليستهه مالنگا جي ئي قيادت ۾ سريلنڪا 2014 ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽيو هو ۽ هو 2016 ٿائين ان ذميواري تي قائم رهيو جنهن کان پوءِ کيس ڊسمبر 2018 ۾ حيران ڪن طور تي ان وقت ڪپتاني تان هٽايو ويو جڏهن هو ٽيم جو حصو به نه هو.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۾ هڪ هفتو ترسڻ دوران مزو آيو: ڪرس لين

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) فائيو لاءِ لاهور قلندرز جي ٽيم ۾ شامل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے