Home / پاڪستان / پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي جي تهران ۾ ايراني هم منصب سان ملاقات

پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي جي تهران ۾ ايراني هم منصب سان ملاقات

تهران (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي تهران ۾ ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ايران آمريڪا ڇڪتاڻ، خطي ۾ امن ۽ امان جي صورتحال ۽ ٻه طرفا لاڳاپن جي حوالي سان خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي. مخدوم شاه محمود قريشي چيو ته وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ضابطو آڻڻ ۽ معاملن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ لاءِ سمورين ڌرين کي برداشت ۽ دانشمندي جو مظاهرو ڪندي ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ خطي کي عدم استحڪام کان بچائڻ ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ سمورين ڌرين کي سنجيده ڪوششون ڪرڻيون پونديون. پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي پنهنجي ايراني هم منصب کي خطي جي ٻين پرڏيهي وزيرن سان ٿيل رابطن جي تفصيل کان پڻ آگاهه ڪيو. ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان جي عزم جي ساراهه ڪندي پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي کي يقين ڏياريو ته ايران اڳ ۾ پڻ امن ڪوششن جي تائيد ڪئي هئي ۽ هاڻي پڻ اسان پاڪستان جي انهن ڪوششن جي آجيان ٿا ڪريون.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران مختلف سيڪريٽرين جي آفيس جو اوچتو دورو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صبح جو ڏهين وڳي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے