نڪور خبرون
Home / رانديون / پي سي بي پاران فٽنيس ٽيسٽ ۾ فيل ٿيندڙ تي ڏنڊ وٺڻ جو فيصلو

پي سي بي پاران فٽنيس ٽيسٽ ۾ فيل ٿيندڙ تي ڏنڊ وٺڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ فٽنيس ٽيسٽ ۾ فيل ٿيندڙ ڪرڪيٽرن تي ڏنڊ داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. قومي ڪرڪيٽرن جي فٽنيس ٽيسٽ 6 ۽ 7 جنوري تي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ ٿيندي فٽنيس ٽيسٽ سينٽرل ڪانٽريڪٽ يافته ڪرڪيٽر پهرين مرحلي ۾ فٽنيس ٽيسٽ ڏيندا جنهن کان پوءِ ٻيا رانديگر فٽنيس ٽيسٽ ڏيندا. بي پي ايل کيڏندڙ وهاب رياض، شاداب خان ۽ محمد عامر جي فٽنيس ٽيسٽ 20 ۽ 21 جنوري تي ٿيندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي رانديگرن کي فٽ رکڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويا آهن جڏهن ته فٽنيس ٽيسٽ پاس نه ڪندڙ رانديگرن تي جرمانو لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته فٽنيس ٽيسٽ ۾ فيل ٿيندڙ ڪرڪيٽر ان وقت تائين ڏنڊ ڀريندو رهندو جيستائين هو فٽنيس ٽيسٽ پاس نه ڪندو. رانديگرن جو فٽنيس ٽيسٽ پنج حصن تي مشتمل هوندو جنهن ۾ فيٽ اينالسز، اسٽرينٿ، اينڊيورنس، اسپيڊ اينڊيورنس ۽ ڪراس فٽ شامل آهن. فٽنيس ٽيسٽ پاس ڪندڙ سينٽرل ڪنٽريڪٽ جي شق ۾ شامل آهي ليڪن پي سي بي ان طرح جو اعلان گهٽ ڪيو آهي. ان حوالي سان رانديگرن کي باضابطه طور ٻڌايو ويو آهي ته فيل هجڻ جي صورت ۾ 15 فيصد جرمانو لڳايو ويندو جڏهن ته 6 سال اڳ ڪجهه رانديگرن تي جرمانو لڳايو ويو هو. پي سي بي اهو به اعلان ڪيو آهي ته فٽنيس ٽيسٽ ۾ مسلسل ناڪامي جي صورت ۾ ان رانديگرن جو سينٽرل ڪانٽريڪٽ برقرار رکڻ به خطري ۾ پئجي ويندو ڇاڪاڻ ته مقرر معيار حاصل ڪرڻ ۾ مسلسل ناڪامي تي ڄاڻايل رانديگر کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي ڪيٽيگيرين ۾ برقرار رکڻ ڏاڍو مشڪل هوندو.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۾ هڪ هفتو ترسڻ دوران مزو آيو: ڪرس لين

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) فائيو لاءِ لاهور قلندرز جي ٽيم ۾ شامل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے