Home / پاڪستان / پاڪ نيوي ڀارت جا ارادا خاڪ ۾ ملائي قوم جي سر فخر سان بلند ڪيو: ايڊمرل ظفر محمود

پاڪ نيوي ڀارت جا ارادا خاڪ ۾ ملائي قوم جي سر فخر سان بلند ڪيو: ايڊمرل ظفر محمود

اسلام آباد(م ڊ) چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود عباسي چيو آهي ته جديد اوزار ۽ هٿيارن سان ليس بحري آپريشنز جي صلاحيت رکندڙ ايئر ڪرانٽس جي نيول فليٽ ۾ شموليت سان پاڪ بحريه جي استعداد ۾ اضافو ٿيو. ان ايئر ڪرافٽ جي شموليت سان اسپيشل فورسز جي آپريشنز کي به وڌيڪ وسعت حاصل ٿيندي. ڇنڇر تي ترجمان پاڪ بحريه طرفان جاري بيان مطابق پاڪ بحريه ۾ نئين فضائي اثاثن جي شموليت جي تقريب جو انعقاد ٿيو. تقريب ۾ اعلى تڪنيڪي ميري ٽائم پيٽرول ايئر ڪرافٽس ۽ خودڪار ڊرونز کي پاڪ بحريه جي فضائي فليٽ ۾ شامل ڪيو ويو. پاڪ بحريه ترجمان مطابق چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود عباسي تقريب جو خاص مهمان هو. چيف آف دي نيول اسٽاف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جديد اوزار ۽ هٿيارن سان ليس بحري آپريشنز جي صلاحيت رکندي ايئر ڪرافٽس جي نيول فليٽ ۾ شموليت سان پاڪ بحريه جي استعداد ۾ اضافو ٿي ويو. ان ايئر ڪرافٽس جي شموليت سان اسپيشل فورسز جي آپريشنز کي به وڌيڪ وسعت حاصل ٿيندي. ترجمان مطابق نيول چيف پاران جهازن جي عملي کي ان جديد پليٽ فارمز سان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ ۽ ملڪي بحري دفاع ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي. نيول چيف چيو ته پلوامه حملي بعد ڇڪتاڻ صورتحال ۾ پاڪستان نيول ايوي ايشن پاران ڀارتي آبدوز جو سراغ لڳائي قوم جو سر فخر سان بلند ڪيو. ترجمان مطابق ميري ٽائم آپريشنز کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ جنگي صلاحيتن جو حامل خودڪار ڊرونز جو وڌيڪ حصول به پاڪ بحريه جي انيدڙ منصوبن جو حصول آهي. تقريب ۾ سرڪاري ادارن ۽ پاڪ بحريه جي اعلى انتظاميه جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران مختلف سيڪريٽرين جي آفيس جو اوچتو دورو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صبح جو ڏهين وڳي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے