Home / شوبز / شيخ رشيد سان منهنجا فيملي لاڳاپا آهن: حريم شاهه

شيخ رشيد سان منهنجا فيملي لاڳاپا آهن: حريم شاهه

لاهور  (شوبز نيوز) ٽڪ ٽاڪ مان شهرت حاصل ڪندڙ حريم شاهه چيو آهي ته ريلوي وارو وفاقي وزير شيخ رشيد منهنجو ڀيڻيوو آهي.حريم شاهه  هڪ انٽرويو ۾ چيوته شيخ رشيد سان  منهنجو فيملي تعلق آهي هو منهنجو ڀيڻيوو آهي ڇو ته منهنجي دوست سان هن نڪاح ڪيو آهي. ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه چيو ته جيڪي ڳالهيون مون ڪيون آهن جيڪڏهن اهي ڪوڙيون هجن ته شيخ رشيد منهنجي سامهون اچي ۽ قرآن شريف تي هٿ رکي ان ڳالهين جي ترديد ڪري.حريم شاهه انٽرويو ۾ وڌيڪ چيو ته جنهن مون سان وڊيو ٺاهي آهي مان ان جو هٿ جهلي کين موبائيل فون جي ويجهو نه وٺي آئي هئس ته مهرباني ڪري مون سان گڏ وڊيو ٺاهيو ۽ جنهن مون سان فون تي ڳالهيون ڪيون آهن مان انهن کي زبردستي پنهنجو نمبر ناهي ڏنو ته مون سان فون تي ڳالهايو. حريم شاهه وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مون کي ڪنهن مان پريشاني هوندي ته پوءِ هو ڀلي صلاحڪار ئي ڇو نه هجي مون وٽ ايتري همت آهي ته مان پاڻ ان جي سامهون وڃي اها ڳالهه ڪندس.ياد رهي ته گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي حريم شاهه جي شيخ رشيد سان گڏ فون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي وڊيو وائرل ٿي هئي.  ان حوالي سان حريم شاهه پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي ڪجهه وڊيو به شيئر ڪيون جنهن ۾ هو چئي رهي آهي ته شيخ رشيد سان فون تي ڳالهه ٻولهه  واري وڊيو اصلي آهي ۽ شيخ رشيد  جڏهن  موبائيل تي فون ڪيو ته مون ان جي ڪال رڪارڊ ڪري ورتي ڇو ته سڀاڻي ان معاملي تي ڪوبه مسئلو ٿي سگهيو ٿي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حريم شاهه ۽ صندل خٽڪ دبئي ۾ 7 ڏينهن جيل جي هوا کائڻ بعد ڊي پورٽ

ڪراچي (شوبز نيوز) ٽڪ ٽاڪ ماڊلز حريم شاهه ۽ صندل خٽڪ کي 7 ڏينهن جيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے