Home / پاڪستان / نيب جا اعتراض رد، فريال جي 1ڪروڙ رُپين عيوض ضمانت منظور

نيب جا اعتراض رد، فريال جي 1ڪروڙ رُپين عيوض ضمانت منظور

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر جي به ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ گرفتار پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران نيب طرفان جواب جمع ڪرايو ويو ۽ فريال ٽالپر کي ضمانت ڏيڻ جي مخالفت ڪئي. نيب جو موقف نيب جي ايڊيشنل پراسيڪيوٽر عدالت ۾ جواب جمع ڪرائڻ سان گڏ دليل به ڏنا ۽ چيو ته ٽالپر جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد آهي، جڏهن ته جعلي بئنڪ اڪائونٽس جي بينيفشري (فائدو وٺڻدڙ) به آهي. چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل بئنچ ڪجهه دير لاءِ وقفي کانپوءِ ٻيهر ٻڌڻي ڪئي. عدالت نيب جي مخالفت کي رد ڪندي پ پ ايم پي فريال ٽالپر جي ضمانت منظور ڪري ورتي ۽ کيس هڪ ڪروڙ رُپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. فريال ٽالپر مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ ضمانت لاءِ داخل درخواست ۾ پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته مان اسپيشل ٻارڙي جي ماءُ آهيان ان جي سار سنڀال جي لاءِ ضمانت منظور ڪئي وڃي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران مختلف سيڪريٽرين جي آفيس جو اوچتو دورو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صبح جو ڏهين وڳي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے