Home / پاڪستان / پارليامينٽ جي فيصلو اکين تي پر پاڪستان او آءِ سي اجلاس ۾ وڃي: آصف زرداري

پارليامينٽ جي فيصلو اکين تي پر پاڪستان او آءِ سي اجلاس ۾ وڃي: آصف زرداري

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف زرداري جو چوڻ آهي ته پرڏيهي وزير کي او آءِ سي اجلاس ۾ شامل ٿيڻ گهرجي ۽ پنهنجو موقف ٻڌائڻ گهرجي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اڳوڻي صدر آصف زرداري جو چوڻ هو ته اسان کي او آءِ سي اجلاس ۾ شامل ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن پارليامينٽ چاهي ٿي ته پرڏيهي وزير نه وڃي ته مان پارليامينٽ سان گڏ آهيان. هن چيو ته هاڻوڪي صورتحال ۾ پاڪستان کي پنهنجن دوستن کي وسارڻ نه گهرجي، هي جيترا به ملڪ آهن اسان جا پراڻا دوست آهن، هي اسان جي ملڪ ۾ شڪار ڪرڻ ايندا آهن، اسان جا انهن ملڪن سان مذهبي ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، مان سمجهان ٿو ته اسان کي او آءِ سي اجلاس ۾ وڃي پنهنجو موقف ٻڌائڻ گهرجي، پرڏيهي وزير کڻي پوءِ وڃي في الحال پرڏيهي سيڪريٽري کي اماڻيو وڃي. آصف زرداري جو چوڻ هو ته اهڙين حالتن ۾ اسان سڀ جذباتي آهيون، جنگيون رڳو فوج نه پر قومون وڙهنديون آهن ۽ پاڪستاني قوم پوري طرح تيار آهي پنهنجي فوج سان گڏ جنگ وڙهڻ لاءِ. آصف زرداري پاڪستاني پائليٽ حسن کي ڀارتي جهاز کي ڪيرائڻ تي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ ڀارتي پائليٽ کي آزاد ڪرڻ واري فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته ان سان دنيا ۾ پاڪستان جو هاڪاري تاثر ويندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے