Home / پاڪستان / موجوده نظام جي تحت نئين چونڊن مان ڪوبه فائدو نه ٿيندو: نوازشريف

موجوده نظام جي تحت نئين چونڊن مان ڪوبه فائدو نه ٿيندو: نوازشريف

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف سينئر پارٽي اڳواڻن کي هدايتون ڪندي چيو آهي ته هو اپوزيشن پارٽين سان مشورن کان پوءِ نين چونڊن لاءِ تياريون ڪن ۽ صاف شفاف، چونڊن لاءِ اپوزيشن سان ملي مختلف ايجنڊائن تي ڪم ڪيو وڃي ڇو ته موجوده نظام جي تحت نئين چونڊن مان ڪوبه فائدو نه ٿيندو.ٻئي آپشن جي طور تي ان هائوس تبديلي لاءِ اپوزيشن سان مشاورت ڪري حڪمت عملي طئي ڪئي وڃي. ذريعن موجب لنڊن ۾  ٿيندڙ مشاورتي اجلاس ۾ ئين چونڊن ۽ ان هائوس تبديلي جي آپشن تي غور ڪيو ويو. ليگي اڳواڻن جي اڪثريت نئين چونڊن جي بجاءِ ان هائوس تبديلي جي تجويز پيش ڪئي.جڏهن ته نوازشريف کين پهرين ترجيح جي طور تي نئين چونڊن جي لاءِ جدوجهد جي هدايت ڪندي  چيو ته پهرين ترجيح جي طور تي ان هائوس تبديلي جي آپشن تي ڪم ڪيو وڃي.نوازشريف خواجه آصف، پرويز رشيد، اياز صادق، احسن اقبال، رانا تنوير، امير مقام، خرم دستگير، مريم اورنگزيب ۽ شهباز شريف سان گڏ سياسي صورتحال تي  ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيصل واوڊا جي نااهلي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي وزير فيصل واوڊا جي نااهلي جي لاءِ  داخل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے