Home / پاڪستان / پاڪستان ۾ تعليم جو معيار ۽ شرح انتهائي گهٽ ٿي چڪي آهي: وزير اعظم

پاڪستان ۾ تعليم جو معيار ۽ شرح انتهائي گهٽ ٿي چڪي آهي: وزير اعظم

اسلا آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته مسلمان جي پوئتي رهجي وڃڻ جو اصل سبب جمهوريت جهڙي حڪمراني جي بدران بادشاهي نظام لاڳو ڪرڻ هو جنهن ۾ احتساب ناهي ٿيندو. نيشنل يونيورسٽي فار سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ پاڪستان جي پهرين ٽيڪنالاجي پارڪ جي افتتاحي تقريب ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته نبي صه جي اصولن تي عمل ڪري مديني جي رياست 700 سالن تائين قائم ريهي ۽ مسلمان عروج تي پهتا اڄ انهن اصولن تي اولهه گهڻو عمل پيرا آهي. تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته پاڪستان ۾ تعليم جو معيار ۽ شرح انتهائي گهٽ ٿي چڪي آهي پر سڀ کان سٺو معيار اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ آهي ان ڪري اعليٰ تعليمي ادارن جي شاگردن تي اهم ذميواريون لاڳو ٿين ٿيون. شاگردن کي مخاطب ڪري سندس چوڻ هو ته انسان جيڪو به خواب ڏسندو آهي اُهو ممڪن آهي، سندس چوڻ هو ته ماڻهن کي پنهنجي صلاحيتن جو علم ئي ناهي هوندو جنهن جي لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي ويزن کي وڏو ڪيو جيڪو پنهنجي ذات کان مٿانهون هوندو آهي. هن چيو ته دنيا ۾ جيڪو به وڏو ماڻهو بڻيو جنهن پنهنجي ذات کان ٻاهر نڪري ڪم ڪيو، دنيا امير ماڻهن کي ياد ناهي رکندي پر انهن ک ياد رکندي آهي جن انسانيت جي لاءِ ڪم ڪيو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيصل واوڊا جي نااهلي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي وزير فيصل واوڊا جي نااهلي جي لاءِ  داخل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے