Home / پاڪستان / حڪومت ۽ وزيرن کي ثابت ڪرڻو پوندو ته هو مديني جي رياست ٺاهي رهيا آهن: جاويد اقبال

حڪومت ۽ وزيرن کي ثابت ڪرڻو پوندو ته هو مديني جي رياست ٺاهي رهيا آهن: جاويد اقبال

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب چيرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال چيو آهي ته حڪومت ۽ وزيرن کي ثابت ڪرڻو پوندو ته هو مديني جي رياست ٺاهي رهيا آهن.اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب دوران نيب چيئرمين چيو ته مختلف شعبن ۾ ترقي جي باوجود ڪرپشن ۾ به ترقي ٿي. اقتدار جي حوس خاطر ملڪ ۾ عجيب وغريب تجربا ڪيا ويا. ڪرپشن جي خاتمي تائين ملڪ ترقي جي سفر تي نٿو هلي سگهي. ڪرپشن جي مڪمل خاتمي جي دعويٰ نٿا ڪري سگهون. معاشري ۾ خوبصورت يا بدصورت شڪل ۾ ڪرپشن موجود آهي. ڪرپشن جو خاتمو صرف نيب نه پر هر شهري جي ذميواري آهي.نيب چيئرمين چيو ته نيب جي جنگ صرف ڪرپشن ناهي پر اسان جي جنگ نظام جي خلاف آهي، ڪنهن جي ڪفن ۾ کيسا ناهن هوندا. خود احتسابي جو عمل ڪو نئون تحفو ناهي. خود احتسابي سان تمام گهڻا نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. جاويد اقبال چيو ته بادشاهت ۽ شهنشاهيت ۾ احتساب جو ڪوبه تصور ناهي هوندو. عوامي مفادن کي نظر ۾ رکندي قانون سازي ڪرڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي. شاهه کان وڌيڪ شاهه جي وفادارن کي چوندس ته ملڪي مفادن کي نظر ۾ رکو اهي ڳالهيون صرف اقتدار جي حوس آهي.نيب چيئرمين چيو ته حڪومت نيب جي معاملن ۾ دخل اندازي ناهي ڪئي. هوائن جو رخ بدلجي رهيو آهي ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ محسوس ڪنداسين ته بي آر ٽي ۽ مالم جبه ايراضي جي خلاف به ريفرنس تيار آهي. عدالتي حڪم جي ڪري بي آر ٽي پشاور منصوبي جي جاچ نٿا ڪري سگهون. عدالتي حڪم ختم ٿيڻ کان پوءِ ايڪشن کنيو ويندو.نيب چيئرمين چيو ته مديني جي رياست واري خوبصورت خواب جو ڪريڊٽ موجوده حڪومت ڏانهن وڃي ٿو. خواب ڏسڻ جو سڀني کي حق آهي پر ڪجهه خواب اهڙا هوندا آهن جن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ محنت ڪرڻي پوندي آهي. تقريرن سان ڪجهه ناهي ٿيندو. حڪومت کي ثابت ڪرڻو پوندو ته هو  مديني جي رياست بنائي رهيا آهن. ماڻهو اسلامي نظام لاءِ ترسي رهيا آهن هن نظام ۾ عوام کي گهٽ ۾ گهٽ ٻن وقتن جي ماني ته ملي سگهندي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيصل واوڊا جي نااهلي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي وزير فيصل واوڊا جي نااهلي جي لاءِ  داخل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے