Home / پاڪستان / مريم نواز جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ لاءِ حڪومت کي 7 ڏينهن جو وقت

مريم نواز جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ لاءِ حڪومت کي 7 ڏينهن جو وقت

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي سرڪار کي حڪم ڏنو آهي ته مريم نواز جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ واري درخواست تي سندس موقف ٻڌڻ بعد هڪ هفتي اندر معاملو حل ڪيو وڃي. جسٽس باقر نجفي مريم نواز جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ ۽ پاسپورٽ واپسي جي حوالي سان داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. مريم نواز طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ وفاقي سرڪار، وفاقي گهرو وزارت، نيب چيئرمين، ڊي جي نيب ۽ ايف آءِ اي کي ڌُر بڻايو ويو هو، جڏهن ته ٻڌڻيءَ دوران سندس وڪيل امجد پرويز دليل ڏنا. مريم نواز موقف رکيو هو ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا ملڻ باوجود هوءَ والد سان گڏ پرڏيهه مان واپس آئي هئي، اي سي ايل ۾ سندس نالو شامل ڪرڻ کي غيرقانوني ۽ ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.عدالت درخواستگذار جي وڪيل کي هدايت ڪئي ته توهان حڪومت وٽ وڃو، ڪابينا فيصلو ڪري ته اُن کانپوءِ عدالت ۾ اچڻ گهرجي ها.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيصل واوڊا جي نااهلي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي وزير فيصل واوڊا جي نااهلي جي لاءِ  داخل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے