Home / پاڪستان / قائم علي شاهه جي ڪچي ضمانت ۾ 19 ڊسمبر تائين واڌ

قائم علي شاهه جي ڪچي ضمانت ۾ 19 ڊسمبر تائين واڌ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران اڳوڻي وڏي وزير جي وڪيلن دليل ڏنا ۽ نيب پراسيڪيوٽر به پيش ٿيو. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل بئنچ ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته نيب قائم علي شاهه جا وارنٽ جاري نه ڪيا آهن، کيس ڪال اپ نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. جنهن تي اڳوڻي وڏي وزير جي وڪيل چيو ته سندس اصيل قائم علي شاهه کي خدسو آهي ته نيب طرفان گرفتار ڪيو ويندو، نيب جي طلبي کانپوءِ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي. عدالت قائم علي شاهه جي وڪيل جي استدعا منظور ڪندي 19 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ اڳوڻي وڏي وزير جي به عبوري ضمانت ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيصل واوڊا جي نااهلي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي وزير فيصل واوڊا جي نااهلي جي لاءِ  داخل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے