Home / پاڪستان / والد جي بيماري جي ڪري ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي ، اجازت ڏيو ته پرڏيهه وڃان: مريم نواز

والد جي بيماري جي ڪري ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي ، اجازت ڏيو ته پرڏيهه وڃان: مريم نواز

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مريم نواز هڪ ڀيرو پرڏيهه وڃڻ لاءِ اجازت، اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ ۽ پاسپورٽ واپس ڪرڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ورتي آهي، جنهن ۾ هُن موقف رکيو آهي ته اي سي ايل ۾ سندس نالو نوٽيس جاري ڪرڻ کانسواءِ شامل ڪيو ويو، 20 آگسٽ 2018ع تي جاري ٿيل ميمورينڊم غيرقانوني آهي. درخواست ۾ مريم نواز استدعا ڪئي آهي ته سي ايل ۾ نالو شامل ڪرڻ جي حوالي سان ميمورينڊم کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ کيس هڪ ڀيرو 6 هفتن لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. مريم نواز لاهور هاءِ ڪورٽ کي اها به استدعا ڪئي آهي ته کيس پاسپورٽ واپس ڪيو وڃي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ مريم نواز موقف رکيو آهي ته احتساب عدالت جي سزا کانپوءِ رضاڪاراڻي طور هوءَ والد سان گڏ واپس آئي هئي، اي سي ايل جي ميمورينڊم ۾ ڄاڻايل سبب سمجهه کان ٻاهر آهن، درخواستگذار وٽ ڪڏهن به عوامي عهدو نه رهيو آهي. مريم نواز چيو ته هو والد جي بيماري جي ڪري ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي ۽ والد کي سندس سخت ضرورت آهي. مريم نوازطرفان درخواست ۾ وفاقي سرڪار، نيب چيئرمين، ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي پاسپورٽ اينڊ اميگريشن کي ڌُر بڻايو ويو آهي

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيصل واوڊا جي نااهلي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي وزير فيصل واوڊا جي نااهلي جي لاءِ  داخل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے