Home / پاڪستان / العزيزيه ريفرنس ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل 18 ڊسمبر تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر

العزيزيه ريفرنس ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل 18 ڊسمبر تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) العزيزيه ريفرنس ۾ سزا خلاف اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي اپيل 18 ڊسمبر تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ٿي وئي، نواز شريف العزيزيه ريفرنس ۾ احتساب عدالت جي طرفان ڏنل سزا ڪالعدم ڪرڻ جي اپيل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪري رکي آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف جي اپيل ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي، جڏهن ته عدالت نواز شريف جي مرڪزي اپيل کان اڳ جج وڊيو ڪيس جي تناظر ۾ فيصلو ڪندي، جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل ڊويزن بينچ ٻڌڻي ڪندي. جج وڊيو ڪيس جي مرڪزي ڪردار ناصر بٽ نواز شريف جي اپيل ۾ ڌر بڻجڻ جي درخواست ڪري رکي آهي. نواز شريف وڊيو جو فرانزڪ ڪندڙ برطانوي ماهرن سوڌو 5 ماڻهن کي عدالتي شاهد بڻجڻ جي استدعا ڪئي آهي، العزيزيه ريفرنس ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل 18 ڊسمبر تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نيب جي نواز شريف جي سزا وڌائڻ جي اپيل به 18 ڊسمبر تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيصل واوڊا جي نااهلي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي وزير فيصل واوڊا جي نااهلي جي لاءِ  داخل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے