Home / شوبز / جنيد جمشيد کي مداحن کان وڇڙئي 3 سال گذري ويا

جنيد جمشيد کي مداحن کان وڇڙئي 3 سال گذري ويا

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مشهور مذهبي اسڪالر ۽ نعت خوان جنيد جمشيد کي مداحن کان وڇڙئي 3 سال گذري ويا آهن. جنيد جمشيد پاپ موسيقي گروپ وائٽل سائنز جي نمائندي گلوڪار جي حيثيت سان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ شهرت حاصل ڪئي. 1987ع ۾ دل دل پاڪستان جي رليز ٿيڻ کان پوءِ  هو شهرت جي بلندين تي پهچي ويو. 14 آگسٽ جي موقعي تي رليز ڪيل گانن، ملي نغمن کي هن نئين سڃاڻپ ڏني. هن  جا ميوزڪ البم جنيد آف وائٽل سائنز، اس راهه پر ۽ دل  کي بات تمام گهڻو مشهور ٿيا.مشهور مبلغ ۽ اسڪالر مولانا طارق جميل سان  ملاقات کان پوءِ جنيد جمشيد جور جحان مذهب طرف ٿيو ته هن موسيقي کي  الوداع ڪيو. نئين سڃاڻپ ۾ کيس مشهور واپاري، نعت خوان، اسڪالر ۽ ٽي وي ميزبان جي روپ ۾ ڏٺو ويو. ان جي ڪپڙن جي برانڊ جي ڊاٽ جون شاخون پوري ملڪ ۾ موجود آهن.جنيد جمشيد 7 ڊسمبر 2016ع تي چترال کان اسلام آباد پي آءِ اي اڏام 661 جي حادثي ۾ فوت ٿي ويو. واضح رهي ته پي آءِ اي جي چترال کان اسلام آباد ويندڙ اڏام حويليان جي ويجهو ڪري تباهه ٿي وئي هئي جنهن ۾ عملي جي پنج ميمبرن سميت سمورا 47 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعد قريشي ۽ ميشا چوڌري شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا

لاهور (شوبز ينوز)  پاڪستاني اداڪار سعد قريشي ۽ ميشا چوڌري شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے