Home / پاڪستان / شهباز شريف ۽ نوازشريف جي واپسي ۾ دير ڏسي رهيو آهيان: شيخ رشيد

شهباز شريف ۽ نوازشريف جي واپسي ۾ دير ڏسي رهيو آهيان: شيخ رشيد

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي  واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته شهباز شريف ۽ نوازشريف جي واپسي ۾ دير ڏسي رهيو آهيان.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته پاڪستان دنيا جي ان ملڪن ۾ آهي جتي مسافر ٽرينون منافعي ۾ وڃي رهيون آهن. مارڪيٽ جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو لاٿ ڪري رهيا آهيون ۽ ريلوي جي خساري کي 3 سالن ۾ ختم ڪري ڇڏينداسين. جڏهن ته 14 ڊسمبر تي واهگا بارڊر جلوموڙ ٽرين شروع ڪري رهيا آهيون. شيخ رشيد چيو ته شهباز شريف، نوازشريف سان گڏ ٽوڪن جي طور تي ويو آهي. شهباز شريف جڏهن سچ  ڳالهائيندو ان وقت سندس سياست ختم ٿي ويندي. هن چيو ته مان ٻنهي جي واپسي ۾ دير ڏسي رهيو آهيان. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ  طئي ٿيل مسئلو آهي ۽ ان ۾ واڌ سادي اڪثريت سان ٿيندي.شيخ رشيد چيو ته 2 ڀيرا اليڪشن ڪمشنر کي گڏيل طور تي هٽايو ويو پر اپوزيشن نتيجا تسليم نه ڪيا جنهن کان پوءِ پارليامينٽ جا فيصلا عدالتون ڪرڻ لڳيون. هن چيو ته هاڻ اهي به ڏينهن ايندا جڏهن پارليامينٽ جا فيصلا صرف ۽ صرف عدالتون ئي ڪنديون. هن وڌيڪ چيو ته سينيٽ چيئرمين جي لاءِ هي ان هائوس تبديلي نه آڻي سگهيا. وزيراعظم جي لاءِ تبديلي ڪيئن آڻيندا. فضل الرحمان ڊسمبر جي ڳالهه ڪري رهيو آهي  پر ان سان گڏ هو ڊسمبر ڪهڙي سال جو اهو به ته ٻڌائي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيصل واوڊا جي نااهلي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي وزير فيصل واوڊا جي نااهلي جي لاءِ  داخل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے