Home / پاڪستان / ملڪ مان ڦريل ناڻي جون قسطون اچڻ شروع ٿي ويون آهن: فواد چوڌري

ملڪ مان ڦريل ناڻي جون قسطون اچڻ شروع ٿي ويون آهن: فواد چوڌري

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ملڪ جو ڦريل ناڻو واپس آڻڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ هاڻ ان جون قسطون اچڻ شروع ٿي ويون آهن.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته عمران خان ملڪ مان ڦريل ناڻو واپس آڻڻ جو واعدو ڪيو هو ان جون قسطون اچڻ شروع ٿي ويون آهن. نوازشريف ۽ ان جي خاندان جون به ڪجهه قسطون باقي آهن اميد آهي ته نوازشريف جون قسطون به جلد اچڻ شروع ٿي وينديون. اسان کي ڪنهن کي به جيل ۾ رکڻ جو شوق ناهي هي ماڻهو همت وٺن ۽ باقي ماڻهو به پنهنجا پئسا ڏين. آصف زرداري جي طبي بنيادن تي ضمانت واري درخواست جي حوالي سان فواد چوڌري چيو ته نوازشريف جي ڪيس ۾ طئي ڪيل اصول سڀني تي لاڳو رهندا. آصف زرداري جي معاملي ۾ به ڊاڪٽرن جي راءِ جو معاملو اڳيان وڌندو.فواد چوڌري چيو ته قانون موجب چيف اليڪشن ڪمشنر جي رٽائر ٿيڻ کان پوءِ نئين مقرري جي لاءِ 45 ڏينهن جو وقت هوندو آهي. حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ اليڪشن جي معاملي تي ڪوبه ڊيڊ لاڪ ناهي. پارليامينٽ ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن سنجيدگي جو مظاهر ڪيو آهي. حڪومت ۽ اپوزيشن جا ڏنل سمورا ماڻهو غير جانبدار آهن. اميد آهي ته انهن تي اتفاق ٿي ويندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيصل واوڊا جي نااهلي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي وزير فيصل واوڊا جي نااهلي جي لاءِ  داخل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے