Home / انٽرنيشنل / ملڪ جي خراب ٿيندڙ معيشت جو ذميوار مودي حڪومت آهي: ڀارتي اپوزيشن

ملڪ جي خراب ٿيندڙ معيشت جو ذميوار مودي حڪومت آهي: ڀارتي اپوزيشن

نئي دهلي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارتي لوڪ سڀا ۾ اپوزيشن ملڪ جي خراب ٿيندڙ معيشت جو ذميوار حڪومت جي پاليسين کي قرار ڏيندي چيو ته تباهه ٿيندڙ معيشت کي پٽڙي تي آڻڻ لاءِ اقتصادي پاليسين ۾ تبديلي جي ضرورت آهي. ڀارتي سڌ سماءُ وارن ذريعن موب 20-2019ع جي مطالبن تي بحث ۾ هصو وٺندي اپوزيشن جي ميمبرن اهم شعبن ۾ بجيٽ ڪٽوتي ڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو ته مودي حڪومت جي غلط پاليسين جو ئي نتيجو آهي ته ملڪ جي مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جي شرح گهٽ ٿيندي پئي وڃي. ڪانگريس جي اڳواڻ ششي ٿرور بحث جي شروعات ڪندي چيو ته سياحت ۽ صنعت سميت هر شعبو بحران جو شڪار ٿي رهيو آهي. هن چيو ته حڪومت جي غلط پاليسين سبب ملڪ جي آبادي جو هڪ وڏو حصو غربت جي هيٺاهين واري سطح تي زندگي گذارڻ تي مجبور آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عراق جي گادي واري شهر ۾ جنرل سليماني جي جنازي نماز ، امريڪا خلاف نعريبازي

بغداد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايران جي پاسدارانِ انقلاب جنرل سليماني تي امريڪي حملي کي طاقت جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے