Home / پاڪستان / چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرريءَ لاءِ اپوزيشن جو سپريم ڪورٽ سان رابطو

چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرريءَ لاءِ اپوزيشن جو سپريم ڪورٽ سان رابطو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گڏيل اپوزيشن چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو. يف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي مقرري لاءِ قائم پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ بنا نتيجي ختم ٿي ويو، جنهن کانپوءِ اپوزيشن ان معاملي تي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو. پوزيشن جي 11 ميمبرن پنهنجي صحيحن سان سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ وفاق کي ڌر بڻايو ويو آهي. رخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي 6 ڊسمبر تي رٽائرمينٽ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن غير فعال ٿي ويندي ۽ گڏوگڏ اليڪشن ڪميشن جا باقي ٻه ميمبر به جنوري ۾ رٽائر ٿي ويندا. رخواست ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پارلياماني ڪميٽي ۾ اتفاق نه ٿيڻ کانپوءِ آرٽيڪل 213 خاموش آهي، آرٽيڪل 213 جي خاموشي سان آئيني بحران پيدا ٿي ويندو، اليڪشن ڪميشن غير فعال ٿيڻ سان چونڊن جو سڄو سسٽم بيهجي ويندو، پارلياماني ڪميٽي ۾ اتفاق راءِ نه هجڻ سبب واحد رستو سپريم ڪورٽ آهي. يف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي مقرري جي حوالي سان پارلياماني ڪميٽي جي صدارت انساني حقن بابت وزير شيرين مزاري ڪئي، جنهن ۾ اپوزيشن جماعتن جي راجا پرويز اشرف ۽ احسن اقبال سميت ٻيا به شامل هئا. ن ڏس ۾ شيرين مزاري جو چوڻ هو ته پارلياماني ڪميٽي گڏيل طور سنڌ ۽ بلوچستان جي ميمبرن سميت چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالن کي به فائنل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ان لاءِ عدالت کان ڪجهه وقت ورتو ويندو. وڏانهن پ پ جي راجا پرويز اشرف به تصديق ڪئي ته حڪومت ۽ اپوزيشن گڏيل طور فيصلو ڪيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻن ميمبرن جي مقرري گڏ ئي ٿيندي.  ليگ سيڪريٽري جنرل احسن اقبال جو چوڻ هو ته حڪومت جي نيت قائم مقام چيف اليڪشن ڪمشنر لڳائڻ جي آهي، جيڪو اسان کي قبول ناهي. ارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم سواتي چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ حڪومتي نالا اڃا فائنل ناهن ٿيا، نالا فائنل ٿيڻ سان ئي اپوزيشن ليڊر سان ڳالهائينداسين، اڳ ۾ ڪوشش ڪنداسين ته ميمبرن جي نالن تي اتفاق ڪيو وڃي. اضح رهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جا ميمبر جنوري ۾ رٽائر ٿيا هئا ۽ آئين موجب انهن عهدن تي 45 ڏينهن ۾ ميمبر مقرر ٿيڻا هئا پر اپوزيشن ۽ حڪومت جي اختلافن سبب ائين نه ٿي سگهيو، ان سان گڏوگڏ چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ر) سردار محمد رضا 6 ڊسمبر تان پنهنجي عهدي تان رٽائر ٿي ويندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

دعا منگي کي صحيح سلامت بازياب ڪرائينداسين: ڪراچي پوليس

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي پوليس دعا منگي ڪيس ۾ شهرين کي ڄاڻ ڏيڻ جي اپيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے