Home / انٽرنيشنل / افغان صوبي جلال آباد ۾ فائرنگ، 5 افغان شهري مارجي ويا، جاپاني ڊاڪٽر زخمي

افغان صوبي جلال آباد ۾ فائرنگ، 5 افغان شهري مارجي ويا، جاپاني ڊاڪٽر زخمي

جلال آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) افغانستان جي اوڀرندي صوبي ننگر هار جي گادي واري شهر جلال آباد ۾ هٿياربندن جي امدادي گروپ جي گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 افغاني شهري مارجي ويا ۽ هڪ جاپاني ڊاڪٽر زخمي ٿي پيو. ننگر هار جي گورنر عطاءُ الله خوگياني ٻڌايو ته هٿياربندن اربع تي صبح جو جلال آباد ۾ غيرسرڪاري امدادي تنظيم پيس جاپان ميڊيڪل سروس جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي تي سوار 3 افغان سيڪيورٽي گارڊز ۽ سندن ڊرائيور ساٿي سميت پنج افغان شهري موقعي تي اجل جو شڪار ٿي ويا جڏهن ته تنظيم جو سربراهه جاپاني شهري ڊاڪٽر ٽيٽ سونا ڪامورا زخمي ٿي پيو .

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

صدر ڊونلڊ ٽرمپ عالمي بينڪ کي چين کي قرض ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو

نيويارڪ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ عالمي بينڪ کي چين کي قرض ڏيڻ کان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے