Home / پاڪستان / آصف زرداري لاءِ نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙي ذاتي ڊاڪٽر شامل ڪرڻ جو حڪم

آصف زرداري لاءِ نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙي ذاتي ڊاڪٽر شامل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف زرداري لاءِ نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙي سندس ذاتي ڊاڪٽر شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته فريال ٽالپر جي ضمانت درخواست تي نيب کي نوٽيسز جاري ڪيا ويا آهن. فاروق ايڇ نائڪ چيو آهي ته آصف زرداري کي کوڙ ساريون بيماريون آهن، طبي بنيادن تي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 2 رُڪني بئنچ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ ايم پي اي فريال ٽالپر جي ضمانت وارين درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت پمز اسپتال کي آصف زرداري جي بيماري جو پتو لڳائڻ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت اڳوڻي صدر کي طبي بنيادن تي ضمانت ڏيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي دوران پمز اسپتال جي ايم ايس کي حڪم ڏنو ته نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙيو وڃي ۽ اُن ۾ آصف زرداري جي ذاتي ڊاڪٽر کي به شامل ڪيو وڃي. ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي عدالت پُڇيو ته ڪنهن جي حڪم تي آصف زرداري لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو؟ جنهن تي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته حڪومت ميڊيڪل بورڊ جوڙيو آهي، بورڊ ۾ آصف زرداري جي ذاتي ڊاڪٽر کي به شامل ڪيو وڃي. ريمارڪس ڏيندي چيو ته پمز اسپتال وارن کي چئون ٿا ته ميڊيڪل بورڊ جوڙي رپورٽ پيش ڪن، عدالت 11 ڊسمبر تائين آصف زرداري لاءِ نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنوفريال ٽالپر جي درخواست تي نيب کي نوٽيسز عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته عدالت ايم پي اي فريال ٽالپر جي ضمانت درخواست تي نيب کي نوٽيسز جاري ڪيا آهن، آصف زرداري جي طبي بنيادن تي ضمانت درخواست داخل ڪرائي آهي. عدالت آصف زرداري لاءِ نئون ميڊيڪل بورڊ جوڙي اُن ۾ سندس ذاتي ڊاڪٽر کي شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، اسان چاهيون ٿا ته نئين ميڊيڪل رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪئي وڃيآصف زرداري کي کوڙ ساريون بيماريون اُن موقعي تي سوالن جا جواب ڏيندي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته اڳوڻي صدر آصف زرداري کي کوڙ ساريون بيماريون آهن آصف زرداري کي کوڙ ساريون بيماريون آهن، کيس دل جو عارضو به آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

دعا منگي کي صحيح سلامت بازياب ڪرائينداسين: ڪراچي پوليس

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي پوليس دعا منگي ڪيس ۾ شهرين کي ڄاڻ ڏيڻ جي اپيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے