Home / پاڪستان / معاشي ٽيم ملڪي معيشت کي صحيح دڳ وٺي پئي: عمران خان

معاشي ٽيم ملڪي معيشت کي صحيح دڳ وٺي پئي: عمران خان

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا ٻارن لاءِ 3 خاص ڪورٽن قائم ڪرڻ ۽ عورتن جي وارثتي حقن بابت قانون ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، اي سي سي جي فيصلن جي توثيق ڪئي وئي، وزيراعظممعاشي ٽيم کي شاباش ڏيندي چيو آهي ته معاشي ٽيم ملڪي معيشت جو رُخ موڙي ڇڏيو آهي، عوام کي وڌيڪ سٺيون خبرون ملنديون. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطن بابت ڪاميٽي جي 27 ، 28 نومبر 2019ع تي ٿيل اجلاسن جي فيصلن جي منظوري ڏني آهي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ نجڪاري بابت ڪابينا ڪاميٽي پاران 15 نومبر جي اجلاس ۾ ايس ايم اي بينڪ لميٽيڊ، پي آءِ اي جي ملڪيت روز ويلٽ هوٽل جي نجڪاري بابت ڪيل فيصلي جي به منظوري ڏني آهي، پاڪستان سيڪيورٽي پرنٽنگ ڪارپوريشن ۽ سيڪيورٽي پيپر لميٽيڊ ڪراچي جي سمورن ملازمن تي پاڪستان اسينشل سروس ايڪٽ لاڳو ڪرڻ ۾ وڌيڪ 6 مهينن جي واڌا جي منظوري ڏني وئي آهي، ڪابينا جي اجلاس ۾ آزاد ڪشمير اسٽيٽ پراپرٽي بجيٽ 20-2019ع جي به منظوري ڏني وئي، اسلام آباد ۾ ٻارڙن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ 3 مختلف خصوصي عدالتون قائم ڪرڻ جي منطوري ڏيڻ کان سواءِ عورتن جي ملڪيتن ۾ حق جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ انفورسمينٽ آف وومينٽ پراپرٽي رائيٽس آرڊيننس2019ع ۾ ترميم جي منظوري ڏني وئي، وفاقي ڪابينا ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ کي ٽن سالن لاءِ پاڪستان اڪيڊمي ادبيات جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني آهي، واپڊا ۾ پاڻي ميمبر طور زهير خان دراني ۽ ميمبر بجلي طور جاويد اختر کي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، ڪابينا جي اجلاس ۾ خالد حامد کي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر نيشنل انشورنس ڪمپني مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته نادرا ذريعي وارثي سرٽيفڪيٽ (سڪسيشن سرٽيفڪيٽ) جاري ڪرڻ واري آرڊيننس تحت وارثي سرٽيفڪيٽ جي باضابطه شروعات جمعي ڏينهن کان ڪئي ويندي. قانون جي وزير ڪابينا کي ٻڌايو ته ان قانون تحت هاڻي مهينن ۽ سالن بدران 15 ڏينهن ۾ سڪسيشن سرٽيفڪيٽ جاري ٿيندو، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيٽروليم جي خصوصي معاون نديم بابر ڪابينا کي سردي ۾ گيس جي بچت جي حوالي سان عوام کي آگاهي ڏيڻ لاءِ خصوصي قدم کنيا پيا وڃن، سردي ۾ اضافي گيس استعمال ڪئي وڃي ٿي ۽ گرمين ۾ گيس جو بل گهٽ هوندوآهي، ان تجويز تحت سردين ۾ استعمال ٿيندڙ اضافي گيس جو بل قسطن ۾ گرمين دوران صارفين کان وصول ڪيو وڃي. ٻئي طرف ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ آرمي چيف جي مدت ملازمت ۾ توسيع جي حوالي سان قانونسازي ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر توڙي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي حوالي سان به مشاورت ڪي وئي. ذريعن موجب وزيراعظم معاشي ٽيم کي ساراهيندي چيو ته معاشي ٽيم ملڪي معيشت کي صحيح دڳ وٺي پئي وڃي، قوم کي جلد وڌيڪ سٺيون خبرون ملنديون، عالمي ادارن طرفان پاڪستاني معيشت بابت مثبت رپورٽون اچي رهيون آهن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

دعا منگي کي صحيح سلامت بازياب ڪرائينداسين: ڪراچي پوليس

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي پوليس دعا منگي ڪيس ۾ شهرين کي ڄاڻ ڏيڻ جي اپيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے