Home / پاڪستان / قوم کي ملڪي معيشت بابت وڌيڪ سٺيون خبرون ملنديون: وزيراعظم

قوم کي ملڪي معيشت بابت وڌيڪ سٺيون خبرون ملنديون: وزيراعظم

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم کي ملڪي معيشت بابت وڌيڪ سٺيون خبرون ملنديون، وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ معاشي صورتحال ۽ موجوده سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو، وفاقي ڪابينا کي پاڪستان جي معيشت جي بهتري ۾ بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم ۽ ڪابينا عالمي معاشي درجي ۾ بهتري تي معاشي ٽيم جي ساراهه ڪئي، اجلاس جي ٻئي سيشن ۾ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم تي قانونسازي ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي مقرري تي صلاح مشورا ڪيا ويا، ڪابينا نيشنل انشورنس ڪمپني جي سي اي او جي مقرري ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي مالي سال 2019-20 جي پراپرٽي بجيٽ جي منظوري ڏني، ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلن ۽ نجڪاري بابت خاص ڪميٽي جي فيصلن جي به توثيق ڪري ڇڏي، وزيراعظم چيو ته معاشي ٽيم ملڪ جي معيشت کي صحيح رخ تي آندو آهي، هاڻ قوم کي ملڪي معيشت بابت وڌيڪ سٺيون خبرون ملنديون، وزيراعظم چيو ته عالمي ادارن بابت پاڪستان جي معيشت بابت سٺيون رپورٽون اچي رهيون آهن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

دعا منگي کي صحيح سلامت بازياب ڪرائينداسين: ڪراچي پوليس

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي پوليس دعا منگي ڪيس ۾ شهرين کي ڄاڻ ڏيڻ جي اپيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے