Home / انٽرنيشنل / فلپائن ۾ سامونڊي طوفان ڪموري سبب منيلا ايئرپورٽ بند، 500 اڏامون رد

فلپائن ۾ سامونڊي طوفان ڪموري سبب منيلا ايئرپورٽ بند، 500 اڏامون رد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) فلپائن ۾ سامونڊي طوفان ڪموري تباهي پکيڙي ڇڏي، تيز هوائن ۽ برسات دوران هزارين ماڻهن شيلٽرز ۾ پناهه وٺي جانيون بچايون جڏهن ته گادي واري شهر منيلا جو بين الاقوامي هوائي اڏو پڻ بند ڪيو ويو. 500 اڏامون رد ٿيڻ سان ڪيترن ئي مسافرن کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو. منيلا جي ڏکڻ واري سامونڊي ڪناري مان اٿندڙ طاقتور طوفان دوران عمارتن جون دريون 7 گهرن جون ڇتون اڏامي ويون. متاثر علائقي ۾ اڄ ڪلهه ڏکڻ اوڀر ايشين گيمز منعقد ٿي رهيون آهن جن ۾ هزارين رانديگر شريڪ آهن. موسميات کاتي ٻڌايو جيتوڻيڪ طوفان جي زور ۾ گهٽتائي آئي آهي پر هن وقت به هوا جي رفتار 150 کان 205 ڪلوميٽر في ڪلاڪ وچ ۾ آهي. امدادي سرگرمين ۾ مقروف رضاڪارن جو چوڻ آهي ته اڪثر هنڌن تي گهر پاڻي ۾ ٻڏل آهن جڏهن ته بجلي جا ٿنڀا ۽ ۽ وڻ پاڙون پٽجي ويا آهن، مجموعي نقصان جو اندازو لڳايو پيو وڃي. منيلا ايئرپورٽ جي جنرل منيجر ٻڌايو ته هوائي آپريشن بحال ڪرڻ جو فيصلو موسم تي ٻڌل آهي. واضع رهي ته فلپائن کي هر سال  سراسري طور 20 سامونڊي طوفانن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. ا

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ڀارت کان ڪا جنگ نه ٿو کٽي سگهي:راج ناٿ

نئين دهلي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارتي بچاءُ واري وزير راج ناٿ سنگهه هڪ دفعو ٻيهر ڌمڪيون ڏيندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے