Home / پاڪستان / هڪ سال ۾ ريلوي مان 10 ارب رپيا جو نفعو ڪمائي ڏيکارينداسين: شيخ رشيد

هڪ سال ۾ ريلوي مان 10 ارب رپيا جو نفعو ڪمائي ڏيکارينداسين: شيخ رشيد

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پاڪستان ريلوي ترڪي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪندو. ريلوي واري وزير شيخ رشيد ترڪي جي سفير احسان مصطفيٰ سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ ريل منصوبن ۾ ڀائيواري تي ڳالهيون ڪيون ويون.  شيخ رشيد چيو ته پاڪستان ريلوي کي جديد بنيادن تي ترقي ڏني پئي وڃي، ترڪي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪيو ويندو، خواهش آهي ته ترڪي سان ريل ڀائيواري تي قدم کنيا وڃن. هن چيو ته ترڪي کي ايم ايل ٽو، ٿري، ڪوئيٽا، زاهدان ۽ تافتان ٽريڪ اپ گريڊنگ ۾ ڀائيواري جي دعوت ڏني وئي آهي، ترڪي لوڪو موٽو فيڪٽري رسالپور ۾ ڀائيواري ڪري، سهڪار ڪنداسين.ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته هڪ سال ۾ ريلوي مان 10 ارب رپيا جو نفعو ڪمائي ڏيکارينداسين، هاڻوڪي حڪومت ۾ ريلوي جي آمدني ۾ واڌ ٿي آهي. هن چيو ته ريلوي ۾ هاڻي رڳو ڪم ٿيندو، ريلوي جي غير ضروري خرچن کي ختم ڪيو ويندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے