Home / پاڪستان / 52 ڀيرا موت جي سزا ٻڌايل بري، آپگهاتي ڌماڪن لاءِ تيار ڪندڙ بابت ثبوت نه هجڻ افسوس جوڳي ڳالهه آهي ، سپريم ڪورٽ

52 ڀيرا موت جي سزا ٻڌايل بري، آپگهاتي ڌماڪن لاءِ تيار ڪندڙ بابت ثبوت نه هجڻ افسوس جوڳي ڳالهه آهي ، سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ 52 ڀيرا موت جي سزا مليل جوابدار صوفي بابا کي بري ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ايڊيشنل پراسيڪيوٽر پنجاب موقف اختيار ڪيو ته جوابدار سخي سرور درٻار تي حملي لاءِ آپگهاتي بمبار تيار ڪيا ۽ جوابدار اعترافي بيان به ڏنو، جنهن تي عدالت موقف اختيار ڪيو ته عجيب ڳالهه آهي ته ٻارڙن کي تيار ڪندڙ خلاف شاهدي ناهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته صوفي بابا ماڻهن کي جنت موڪليندو آهي، پاڻ ڇو نه ٿو وڃي،  آپگهاتي حملا ڪندڙ ٻارڙو حقيقت ۾ پاڻ کي نشانو بڻائيندو آهي، جوابدار آپگهاتي حملي جي موقعي تي موجود نه هو ۽ نه وري جوابدار خلاف پراسيڪيوشن ڪا شاهدي پيش ڪئي آهي، جوابدار جي بيان کي نظر ۾ رکندي پوليس ڪو به ثبوت پيش نه ڪيو آهي جوابدار کي شڪ جو فائدو ڏيندي بري ڪيو وڃي ٿو. واضح رهي ته 3 اپريل 2011ع ۾ ڊيرا غازي خان ۾ سخي سرور جي مزار تي آپگهاتي حملو ٿيو هو، جنهن ۾ 50 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے