Home / پاڪستان / پاڪستان هوائي اڏا کولي ڇڏيا، جهازن جي به آمد ورفت بحال

پاڪستان هوائي اڏا کولي ڇڏيا، جهازن جي به آمد ورفت بحال

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۾ هوا بازي جي نگران اداري سول ايوي ايشن اٿارٽي ڪراچي، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا ايئرپورٽ هوائي آپريشن لاءِ کولي ڇڏيا آهن. سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ترجمان مطابق چئني هوائي اڏن کي ڪمرشل اڏامن لاءِ شام 6 وڳي آپريشنل ڪيو ويو. ترجمان چيو ته لاهور، سيالڪوٽ، فيصل آباد ۽ ملتان سوڌو ٻين هوائي اڏن کي کولڻ جو فيصلو پوءِ ڪيو ويندو. پي آءِ اي به پنهنجي اڏامن جو شيڊول شام 6 وڳي بحال ڪري ڇڏيو آهي ۽ مسافرن کي فون ڪري کين آگاهه ڪيو پيو وڃي. سعودي ايئر لائن به تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان لاءِ پهرين اڏام شام 6 وڳي ڪراچي پهتو

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے